ڪراچي ۾ چيني انجنيئرز تي حملي واقعي بعد مراد علي شاهه چيني قونصل خاني پهچي ويو

0
58

ڪراچي ۾ چيني انجنيئرز تي حملي واري واقعي بعد سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه چيني قونصل خاني پهچي ويو، وڏي وزير مراد علي شاهه چيني قونصل جنرل يانگ يونگڊونگ سان تعزيت ڪئي، وڏي وزير چيو ته چيني شهرين جي اجل جو شڪار ٿيڻ تي دلي ڏک پهتو

 متاثر خاندانن ۽ چيني سرڪار سان تعزيت جو اظهار ڪيون ٿا، وڏي وزير تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات به درج ڪيا، صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار، چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا به ساڻس گڏ هئا

 ان کان اڳ وڏي وزير امن امان جي صورتحال بابت اهم اجلاس جي صدارت به ڪئي، وڏي وزير چيو ته ايئرپورٽ ويجهو بم ڌماڪي جهڙا واقعا برداشت ڪرڻ جوڳا نه آهن، اهڙا واقعا ٻيهر نه ٿيڻ گهرجن، پوليس ۽ امن امان قائم ڪندڙ ادارا انٽيليجنس جو ڪم تيز ڪن

 وڏي وزير کي امن امان نافذ ڪندڙ ادارن پاران ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو ڌماڪي بابت بريفنگ ڏني وئي، وڏي وزير پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي هڪ گڏيل ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي

صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ٻيا اجلاس ۾ شريڪ ٿيا