لاڙڪاڻو(رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي لاڪپ ۾ پنج ڏينهن اڳ چوري ڪيس ۾ گرفتار لب مهراڻ واري علائقي واسي 20 ورهين جي نوجوان ساحل سولنگي جو ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو هو جنهن معاملي جو آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ٽريننگ سنڌ فيض الله ڪوريجو کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري فيڪٽ فائيڊنگ انڪوائري جوڙي هئي. ڪالهه فيڪٽ فائيڊنگ انڪوائري جي سربراهه لاڙڪاڻي شهر جي پي ٽي ايس پهچي ساحل سولنگي واري معاملي بابت سندس والد سعيد سولنگي، ٻن شاهدن سندس چاچي سڪندر سولنگي، ٻئي شاهد سهيل سولنگي، واقعي وقت ٿاڻي تي موجود ٿاڻي جي ننڍي منشي طفيل احمد عمراڻي، پوليس جمعدار الاهي بخش کوسو، پوليس اهلڪار خالد حسين ريتي ۽ پوليس سرجن ڊاڪٽر جنيد عباسي جا بيان قلمبند ڪري ورتا. ان موقعي تي ڳالهائيندي انڪوائري آفيسر ڊي آءِ جي ٽريننگ فيض الله ڪوريجو چيو ته 29 آڪٽوبر تي آءِ جي سنڌ سي پي او آفيس مان آرڊر جاري ڪري مون کي ساحل سولنگي واري معاملي جي فيڪٽ فائينڊنگ انڪوائري جو حڪم ڏنو ته واقعي جي جاچ ڪئي وڃي ته اصل حقيقتون ڪهڙيون آهن ۽ ڇا ٿيو آهي؟ تنهن ڪري فيڪٽ فائيڊنگ انڪوائري آهي جنهن جي شروعات اسان اڄ صبح سان ڪئي آهي ان سلسلي ۾ مختلف ماڻهن کي گهرايو ويو آهي، هن وقت تائين ساحل سولنگي جي والد سعيد سولنگي، ڪجهه پوليس آفيسرن ۽ جن جو هن معاملي ۾ ڪردار آهي انهن جا بيان قلمبند ڪري ورتا آهن جنهن کان پوءِ اسان ميڊيڪل سائيڊ ۽ لاڪپ کي به ڏسنداسين ان کان علاوه پوليس جي بالا آفيسرن سان به مشورو ڪنداسين. هوڏانهن شهر جي وليد ٿاڻي جي لاڪپ ۾ ڪبوتر چوري ڪيس ۾ گرفتار 20 ورهين جي نوجوان ساحل سولنگي جو ڦاهو لڳل لاش هٿ اچڻ واري معاملي تي فوتي نوجوان جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ٽائيم نيوز ھٿ ڪري ورتي نوجوان تي ڳلي جي اڳيان ۽ پويان رسي جو نشانو، ڄنڳهه تي ڌڪ جي نشان جي به تصديق ڪئي وئي، حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ هسٽوپيٿالاجي رپورٽ اچڻ بعد جاري ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ سرجن ڊاڪٽر جنيد احمد عباسي طرفان نوجوان ساحل سولنگي جي ڳلي جي اڳيان ۽ پويان هڪ سينٽي ميٽر جي مفاصلي سان 3 سينٽي رسي جو نشان آهي ۽ کاٻي ڄنڳهه تي ڌڪ لڳل آهي، جنهن ڌڪ جي حتمي رپورٽ اچڻ بعد حقيتون سامهون اچي وينديون ته ڌڪ نئون آهي يا پراڻو، شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته نوجوان ساحل سولنگي کي نشو ٿيل نه هيو ۽ نه ئي کيس زهر ڏنو ويو آهي، شروعاتي پوسٽ مارٽم ۾ نوجوان جي موت جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري نوجوان موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جسم جا ٻيا جزا ليباريٽري اماڻيا ويا آهن، جزن جي هسٽوپيٿالاجي ڪيميڪل رپورٽ اچڻ بعد نوجوان جي حتمي پوسٽ رپورٽ جاري ڪئي ويندي
جڊيشل مئجسٽريٽ کي اطلاع بابت جاچ ڪئي ويندي: انڪوائري آفيسر
لاڙڪاڻو: انڪوائري آفيسر ڊي آءِ جي ٽريننگ فيض الله ڪوريجو چيو ته پوليس ٻڌايو آهي ته ايف آءِ آر تحت ساحل سولنگي گرفتار هو ۽ ان ۾ 176 جي ڪارروائي ٿيندي آهي، جنهن ۾ جڏهن به ڪنهن قيدي جو لاڪپ ۾ موت واقع ٿئي ته فوري طور تي جڊيشل مئجسٽريٽ يا سيشن جج کي اطلاع ڪيو ويندو آهي، بقول پوليس ته اهو اطلاع ڪيو ويو آهي ۽ جڊيشل آفيسر دورو به ڪري ويو آهي، ان جو به هن انڪوائري ۾ سڌ سماءُ ڪيو ويندو ۽ لاڪپ جو به معائنو ڪيو ويندو. هن چيو ته ساحل سولنگي واري معاملي جي جاچ لاءِ آءِ جي سنڌ 5 ڏينهن ڏنا آهن، ڪوشش آهي ته 5 ڏينهن اندر انڪوائري مڪمل ٿئي جيڪڏهن ضرورت پئي ته وڌيڪ وقت گهريو ويندو
ساحل مٿان چوري جو ڪيس داخل ڪرائيندڙ فريادي جو اڄ بيان قلمبند ڪيو ويندو
لاڙڪاڻو: فيڪٽ فائيڊنگ انڪوائري جو سربراهه ڊي آءِ جي ٽريننگ فيض الله ڪوريجو اڄ وليد ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايچ او عبدالرزاق ٽڳڙ، ڊي ايس پي خادم حسين بليدي توڙي ساحل مٿان چوري جو ڪيس داخل ڪرائيندڙ فريادي علي حسن ڪهيري جا بيان قلمبند ڪندو