ايران ۾ خوفناڪ حادثي ۾ فوت ٿيل سنڌ واسي 28 پانڌيئڙن مان 23 ڄڻن جي لسٽ جاري

0
61
ايران ۾ خوفناڪ حادثي ۾ فوت ٿيل سنڌ واسي 28 پانڌيئڙن مان 23 ڄڻن جي لسٽ جاري
ايران ۾ خوفناڪ حادثي ۾ فوت ٿيل سنڌ واسي 28 پانڌيئڙن مان 23 ڄڻن جي لسٽ جاري

ايراني شهر يزد ۾ خوفناڪ روڊ حادثي ۾  فوت ٿيل سنڌ واسي  28 پانڌيئڙن مان 23 ڄڻن جي لسٽ جاري  ڪئي وئي

 حادثي جو شڪار ٿيل بس ۾ سوار قافلي جي سالار پاران جاري ڪيل لسٽ موجب فوتين ۾ 10 عورتون سيده آزاد، ڪريمه خاتون، رحمت خاتون، نسيم اختر کهاوڙ، رابيل فريد کهاوڙ، امبرين سيد، رخسانه پروين شاهه، خالده مغيري، پروين لنجار ۽ مقدس شير شامل آهن

 ٻين فوتين ۾ صدام خاصخيلي، محمد بخش خاصخيلي، ظهير عباس ميمڻ، حبيب الله سومرو، رستم علي، ڪاشف علي شيخ، بابر علي انصاري ۽ نور محمد کوسو شامل آهن

 فوتين ۾ آفاق احمد جوڻيجو، سيرت عباس شاهه، اعجاز علي مڱڻهار، آصف علي سرڪي ۽ نينگر منتظر مهدي شامل، ايران ۾ پيش آيل خوفناڪ حادثي جي سي سي ٽي وي فٽيج مان ثابت ٿي ويو ته تيز رفتار گاڏي بريڪ فيل ٿيڻ سبب اسڪول جي ڀت سان ٽڪرائجي ڪلٽي ٿي پئي
فوتين ۽ زخمين ۾ خيرپور، ڪشمور-ڪنڌڪوٽ، لاڙڪاڻي، قمبر-شهدادڪوٽ، شڪارپور، دادو، ڄامشورو ۽ نوابشاهه جا پانڌيئڙا شامل، حادثي جو شڪار ٿيل بس ۾ ڪراچي جي هڪ عورت به شامل

 سنڌ واسي پاڪستاني پانڌيئڙن جي بس ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ايران کان عراق ڏانهن ويندي ايراني شهر يزد ۾ ڪلٽي ٿي پئي هئي، زخمي ٿيل 24 پانڌيئڙن جو ايران جي مختلف اسپتالن ۾ علاج جاري

 سنڌ جي مختلف شهرن سان تعلق رکندڙ فوتين جي وارثن تڏو وڇائي ڇڏيو، وارثن پاران وفاقي سرڪار کي فوتي پانڌيئڙن جون ميتون جلد پاڪستان آڻڻ جي اپيل ڪئي وئي