ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ  تعليم کاتي ۾ پنجن سالن کان ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ آءَ بي اي پاس  هيڊماستر مستقل ٿيڻ کان محروم، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي بار بار خط لکڻ باوجود هيڊ ماسترن کان ٽيسٽ نه ورتي وئي، تعليم کاتي پاران سندن مقرري واري مدي ۾ وڌيڪ 6 مهينا واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ان ڏس ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سال 2017 ۾ آءِ بي اي جي ٽيسٽ پاس ڪري17 گريڊ ۾ ڀرتي ٿيل 957 هيڊ ماستر 5 سال گذرڻ پڪا نه ٿي سگهيا آهن، هيڊ ماسترن کي شروعاتي طور تي ٻن سالن جي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيو ويو، 2019ع ۾ سندن ڪانٽريڪٽ  هڪ سال وڌايو ويو، 2021ع ۾ عدالت پاران ڄاڻايل هيڊ ماسترن کان پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، جنهن تي سنڌ جي تعليم کاتي پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي خط لکيا ويا، پبلڪ سروس ڪميشن پاران اڃا تائين هيڊماسترن کان ٽيسٽ نه ورتي وئي آهي ۽ نه ئي تعليم کاتي هيڊماسترن کي پڪو ڪيو آهي، هيڊماسترن کي تعليم کاتي پاران جنوري ۾ ڏنل ڪانٽريڪٽ جو مدو هلندڙ مهيني جي 30 تاريخ تي ختم ٿيڻو هو، جنهن کي نظر ۾ رکندي تعليم کاتي پاران وڌيڪ 6 مهينن جي مدي ۾ واڌ  جي  موڪليل سمري وڏي وزير منظور ڪري ورتي جنهن بعد نوٽيفڪيشن جاري ڪندي  سندن مدي ۾ ڊسمبر 2022ع تائين واڌ ڪئي وئي آهي.