ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس 937 هيڊ ماسترن کي مستقل نه ڪرڻ خلاف درخواست تي تعليم کاتي جي سيڪريٽري کان 5 مئي تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي، ڪالهه ٻڌڻي دوران تعليم کاتي جو سيڪريٽري ۽ اساد پڻ وڏي انگ ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران عدالت تعليم واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ڪو وچ جو رستو ڪڍو، عدالت کي واضح پاليسي ٻڌايو، عدالت تعليم واري سيڪريٽري کان پڇيو ته جڏهن هيڊماسترن آءِ بي اي جو امتحان پاس ڪيو آهي ته پوءِ کين مستقل ڇو نه پيو ڪيو وڃي؟ جنهن تي تعليم کاتي جي سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي ته 17 گريڊ جي مقرري پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ٿيندي، ان موقعي تي جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏيندي چيو ته انهن هيڊ ماسترن کي هاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ انهن ته امتحان پاس به ڪيو آهي، عدالت تعليم کاتي جي سيڪريٽري کي مخاطب ٿيندي چيو ته انهن هيڊماسترن کي رکڻو آهي يا نه؟ ڪا واضح پاليسي ٻڌايو جنهن تي تعليم واري سيڪريٽري چيو ته اهو ورلڊ بينڪ جو پروجيڪٽ آهي، ان موقعي تي درخواستگذارن عدالت کي ٻڌايو ته اسان آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪئي هئي، جيڪڏهن پبلڪ سروس ڪميشن اسان کان ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ چاهي ٿي ته به اسان تيار آهيون، جنهن بعد عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 5 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي