ٽنڊوآدم (ن پ ا) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آھي ته 91ع جي پاڻي ٺاهه تحت سنڌ کي پورو پاڻي ناهي مليو، ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻي پهچي ئي نٿو، سسٽم ۾ پاڻي اڳ ئي موجود ناهي، مٿان وري سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي بنجر بنائڻ جو منصوبو ۽ سازش آهي، هتي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪئنالن خلاف قومپرست پارٽيون متحرڪ آهن، سنڌ سرڪار ڪوڙ ٿي ڳالهائي، صدر آصف زرداري جي اجازت سان ئي نوان ڪئنال منصوبي تي عمل پيو ٿئي، هن چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آهي، سياسي انتقامي ڪاروايون ٿي رهيون آهن، هن چيو ته جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کيس جيل موڪليو ويو آهي، جڏهن ته سڪرنڊ مان قومپرست شاگرد اڳواڻ ۽ وڪيل عامر عمراڻي کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي.