ڪراچي (م د) 31 سيڪڙو پاڪستاني اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ جاري جنگ ۾ پاڪستاني حڪومت جي پاليسي مان ناخوش آهن. اها ڳالهه گيلپ پاڪستان جي سروي ۾ سامهون آئي. عوامي راءِ ڄاڻڻ جي حوالي سان مشهور اداري گيلپ پاڪستان نئين سروي جاري ڪري ڇڏي آهي. گيلپ پاڪستان جي سروي موجب 29 سيڪڙو پاڪستانين اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ جاري جنگ ۾ پاڪستان جي حڪومت جي پاليسي کي سٺو قرار ڏنو آهي. سروي ۾ 91 سيڪڙو پاڪستانين جون همدرديون غزا جي فلسطينين سان آهن جڏهن ته 2 سيڪڙو پاڪستانين جي همدردي اسرائيل سان آهي. سروي موجب 66 سيڪڙو پاڪستانين جو خيال آهي ته موجودا جنگ ۾ فلسطين کي ڪاميابي ملندي جڏهن ته 5 سيڪڙو پاڪستان سمجهن ٿا ته ان جنگ ۾ اسرائيل ڪامياب ٿيندو. سروي ۾ 67 سيڪڙو پاڪستانين جو چوڻ آهي ته اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ جاري جنگ ۾ آمريڪي حڪومت جو ڪردار ناڪاري ۽ 12 سيڪڙو جو خيال آهي ته آمريڪا جو ڪردار سٺو آهي.