91ع ٺاهه تي عمل ٿيندو: صوبن کي ويڙهائيندڙن جا ٽڪساٽ ناڪام ٿي ويا: مراد شاهه

0
26
91ع ٺاهه تي عمل ٿيندو: صوبن کي ويڙهائيندڙن جا ٽڪساٽ ناڪام ٿي ويا: مراد شاهه
91ع ٺاهه تي عمل ٿيندو: صوبن کي ويڙهائيندڙن جا ٽڪساٽ ناڪام ٿي ويا: مراد شاهه

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ته صوبا وڙهن ۽ ماڻهو گمراهه ٿين، اسان سندن سمورا ٽڪساٽ ناڪام بڻائي ڇڏيا، سي سي آءِ اجلاس ۾ ڪئنالن وارو فيصلو ۽ ارسا جو سرٽيفڪيٽ معطل ٿي ويو، ٽنهي صوبن جي وڏن وزيرن جو ٿورائتو آهيان، جن اسان جي موقف جي تائيد ڪئي، صوبن جي گڏيل راضپي کانسواءِ ڪئنال نه ٺهندا،  91ع واري ٺاهه تي مڪمل طور عمل ڪيو ويندو، سي سي آءِ ۾ نگران دور جا ڪيل فيصلا رد ٿي ويا،ڪجهه ماڻهو ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ چاهين ٿا پر اهي ڪامياب نه ٿيندا، ڪالهه سي سي آءِ جي اجلاس ۾ شرڪت بعد  ڪراچي واپسي تي ايئرپورٽ تي آجيان لاءِ پهتل وزيرن، اسيمبلي ميمبرن ۽ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي هن چيو ته  توهان ڪاغذ جو ٽڪرو گهريو، اسان نوٽيفڪيشن به کڻي آياسين، هن چيو ته ڪئنال نه ٺهڻ جو فيصلو ڏيڍ مهينو اڳ ٿي چُڪو هو، اُنهي تي عمل ڪرڻ ۾ وقت لڳي ويو، سي سي آءِ جو اجلاس جلد گهرائڻ لاءِ صدر زرداري به ڪوشش ڪئي،  هن چيو ته سنڌ جي عوام جي جدوجهد کي سلام آهي، عوام پيپلز پارٽي سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته تڪراري چولستان ڪئنال منصوبو  رد ٿيڻ سنڌ لاءِ هڪ تاريخي فتح آهي  اهو منصوبو نگران دور ۾ منظور ڪيو ويو هو، جنهن کي جمهوري ۽ قانوني طريقي سان رد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت چولستان ڪئنال لاءِ ارسا سرٽيفڪيٽ کي سي سي آءِ ۾ چئلينج ڪرڻ لاءِ آئيني طريقو اختيار ڪيو، انهي عمل دوران ڪجهه شرپسندن عوام کي جعلي دستاويزن ذريعي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،  انهن کي  پنجاب خلاف ڀڙڪايو، اهڙي صورتحال سبب بلاول ڀٽو عوام سان رابطي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. بلاول 4 اپريل تي ڳڙهي خدا بخش، 18 اپريل تي حيدرآباد ۽ 25 اپريل تي سکر ۾  جلسن کي خطاب ڪيو. هن چيو ته 24 اپريل تي بلاول ڀٽو وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪري زور ڀريو ته ڪئنال منصوبا ملڪي مفاد ۾ ناهن،  انهن کي جلد رد ڪرڻ گهرجي. پي ايم سيڪريٽريٽ کان بيان جاري ٿيڻ باوجود ڪجهه ماڻهن وزيراعظم جي صحيح سان لکت ( نوٽيفڪيشن) طلب ڪيو، هن چيو ته اهي ئي ماڻهو صدر آصف زرداري خلاف پروپئگنڊا ڪندا رهيا، جنهن سان عوام ۾ مونجهارو ٿيو، سي سي آءِ  اجلاس ۾ اهي ڪئنال رد ٿي ويا، وڏي وزير مخالفن تي تنقيد ڪندي چيو ته اهي ان حقيقت کي نظرانداز ڪري رهيا آهن ته ارسا جي تصديق غلط ڄاڻ تي ٻڌل هئي ۽ ان کي رد ڪرڻ ضروري هو. وڏي وزير سي سي آءِ اجلاس 2 مئي بجاءِ 28 اپريل تي ٿين بابت ٻڌايو ته منهنجي هڪ ڏينهن اڳ صدر زرداري سان ملاقات ٿي هئي، جنهن ۾ صدر پڇيو ته سي سي آءِ اجلاس  جمعي تي ٿيڻ سان گهڻي دير ٿيندي، جنهن تي مون کيس سي سي آءِ اجلاس 28 اپريل تي سڏرائڻ لاءِ مدد لاءِ چيو، صدر خاطري ڪرائي ته انهي لاءِ وزيراعظم سان ڳالهائيندس، صدر جي مداخلت تي سي سي آءِ اجلاس 28 اپريل تي ٿيو، هن چيو ته اوهان تصور ڪريو ته پ پ قيادت ۽ حڪومت تي ڪيترو دٻاءُ هو، انهي هوندي به اسان جو مؤقف انصاف جي بنياد تي مضبوط رهيو. بلاول ڀٽو سي سي آءِ بابت واضح هدايتون ڏنيون هيون ته يا پنهنجو موقف کي مڃرايو يا اجلاس مان اهو چئي نڪري اچجو ته سي سي آءِ اسان لاءِ ضروري ناهي. اسان پنهنجا سياسي فيصلا پاڻ ڪري سگهون ٿا، هن چيو ته  جيڪي ماڻهو صوبن وچ ۾ نفرت پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، سي سي آءِ انصاف تي ٻڌل فيصلو نه ڪري ها ته اهي شايد ڪامياب ٿي وڃن ها هن چيو  ته ڪجهه ماڻهن  چيو ته ڪئنال منصوبو  رد ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو ته سندس لاش کڄندا، اسان ائين ٿيڻ کان اڳ نوٽيفڪيشن کڻي آيو آهيان.