ڪراچي:  معلوم ٿيو آهي ته سليڪشن بورڊ ون جي اجلاس ۾ 9 کاتن جي 90 خالي جاين مان رڳو 35 جايون فيوچر ويڪينسي طور ظاهر ڪيو ويون، باقي 55 جايون خالي پيل ڏيکاريون ويون آهن. سروسز کاتي ۾ پي ايس ايس گروپ لاءِ هڪ خالي جاءِ ڏيکاري 2 فيوچر ۾ خالي ٿيندڙ سيٽون ظاهر ڪيون ويون آهن، ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ پروفيسر جي عهدي لاءِ ايجنڊا ۾ شامل ڪيل 52 مان 32 جايون فيوچر بنيادن تي ظاهر ڪيون ويون آهن، ورڪس کاتي ۾ سپرنٽنڊنگ انجنيئر جي10مان 2 جايون ۽ صحت کاتي ۾ هڪ ڊينٽل سرجن جي پوسٽ فيوچر ويڪينسي طور ڏيکاري وئي آهي.