ڪرناٽڪ (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت جي عالي شان شادي جو ٻڌي ذهن ۾ امير ترين واپاري مڪيشن امباڻيءَ يا گوتم اڏاڻي خاندانن جون شاديون ياد اچيو وڃن، پر ڪجهه سال اڳ هڪ اهڙي شادي به ٿي جنهن انهن امير واپاري خاندانن جي شادين کي پوئتي ڇڏي ڏنو. ڀارتي ۾ ڪرناٽڪ رياست جي اڳوڻي وزير جنارڌن ريڊي جي ڌيءُ جي شادي کي سڀ کان حيران ڪندڙ شادي قرار ڏنو ويندو آهي، جنهن کي هاڻي ڀارت جي سڀ کان مهانگي شادي قرار ڏنو پيو وڃي. 16 نومبر 2016ع  تي ٿيل هي شادي 500 ڪروڙ رپين جي بجيٽ سان ٿي، جنهن ۾ 50000 کان وڌيڪ  مهمانن شرڪت ڪئي، جنارڌن ريڊي ان يادگار تقريب کي پنج ڏينهن جاري رکيو. مهمانن جي ميزباني لاءِ بينگلورو جي فائيو اسٽار اوٿري اسٽار هوٽلز ۾ 15 سو ڪمرا بڪ ڪيا ويا. شادي جو هنڌ وجي نگر سلطنت جي مندرن وانگر ٺاهيو ويو هو، جنهن لاءِ بالي ووڊ جي مشهور آرٽ ڊائريڪٽرز جون خدمتونحاصل ڪيون ويون. کاڌي لاءِ هال کي بيلاري ڳوٺ وانگر ڊيزائن ڪيو ويو ته جيئن ان کي روايتي انداز ڏنو وڃي. ڪنوار برهماڻي تقريب ۾ سڀني جي نگاهن جومرڪز رهي. کيس مشهور ڊيزائنر نيتا لُلا جي تيار ڪيل ڳاڙهي ساڙهي پاتل هئي. جنهن جي ماليت 17 ڪروڙ رپيا ٻڌائي پئي وڃي. ان تقريب ۾ سون جي ڌاڳي سان ڀرت ڀريل هو. ان جا زيور به تمام قيمتي هئا جن جي ڪل ماليت 90  ڪروڙ رپيا هئي، جڏهن ته ميڪ اپ تي 30 لک رپيا خرچ ٿيا. گاڏيءَ ۾ 40 بيل گاڏين ذريعي مهمانن کي پنڊال تائين آندو پئي ويو. 2000 ٽيڪسيون ۽ 15 هيلي ڪاپٽرز وي آءِ پي مهمانن لاءِ هئا. کاڌي ۾ شاهي پڪوان، خاص ٿالهي ۾ 16 قسم جون مهانگيون مٺاهيو،  جنهن جي في پليٽ لاڳت 3 هزار رپيا هئي. جنارڌن ريڊي بي جي پي حڪومت ۾ وزير رهيو آهي، ڌيءَ جي شادي تي 500 سو ڪروڙ جي فضلو خرچي ڪرڻ تي مٿس سخت تنقيد به ڪئي پئي وئي.