اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته صدر اليڪشن جي تاريخ نه ڏني ته اسان ڇا ڪريون؟ ڇا اسان صدر کي تاريخ نه ڏيڻ تي نوٽيس ڏيون؟ جيڪڏهن ڪير آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي ته آرٽيڪل 6 لڳندو، سڄو ڪيس ئي صدر جي اختيارن جو آهي، تاريخ ڏيڻ صدر جو اختيار آهي ته پوءِ چونڊن ۾ دير جو ذميوار ڪير آهي؟ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ پاران چونڊن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته عام چونڊن وارو ڪيس ته ڏاڍو اهم آهي، هن ڪيس جي فوري طور ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي ها، هيل تائين ته هن ڪيس جو فيصلو اچي چڪو هجي ها، سپريم ڪورٽ بار جي صدر عابد زبيري چيو ته مون درخواست ۾ تڪڙي ٻڌڻي هلائڻ جي استدعا ڪئي هئي، چيف جسٽس چيو ته مون کي هاڻي نوٽ مليو آهي ته توهان تڪڙي ٻڌڻي هلائڻ جي استدعا نه ڪئي هئي، سپريم ڪورٽ بار جي صدر کي عدالت ۾ غلط بياني نه ڪرڻ گهرجي، عابد زبيري چيو ته مون کان شايد غلطي ٿي وئي آهي، مون ايڊوڪيٽ آن ريڪارڊ کي جلد ٻڌڻي هلائڻ جي درخواست داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن هاڻوڪي آدمشماري ڪالعدم قرار ڏني وڃي ته ڇا چونڊون 2017 واري آدمشماري تحت ٿينديون؟ ڇا اها آئيني ضرورت آهي ته هر اليڪشن کان اڳ آدمشماري لازمي هوندي؟ عابد زبيري چيو ته اهو لازمي نه آهي.جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪڏهن 90ڏينهن ۾ اليڪشن نه ٿي ته آئين جي ڀڃڪڙي ٿي چڪي آهي، نئين آدمشماري جي ڪري چونڊون وڌيڪ دير جو شڪار ٿي سگهن ٿيون، چيف جسٽس سوال ڪيو ته جيڪڏهن عدالت اڄ حڪم ڏئي ته ڇا 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿي سگهن ٿيون؟ وڪيل عابد زبيري چيو ته سپريم ڪورٽ اڄ حڪم ڏئي ته به 3 نومبر تي چونڊون نٿيون ٿي سگهن، درخواستگذار جي وڪيل انور منصور چيو ته صدر جي خط بعد چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم هو، جسٽس اطهر چيو ته جنهن جنهن آئيني ذميواري پوري نه ڪئي نتيجن کي منهن ڏيڻ گهرجي، چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن کي گهرايون يا صدر کي؟ صدر کي ته گهرائي نٿا سگهون، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته 2017ع جي آدمشماري منظور ٿي ته چيو ويو جلد کان جلد نئين آدمشماري ٿئي پر 2018ع جي چونڊن بعد ايندڙ حڪومت آدمشماري نه ڪرائي، جڏهن گذريل حڪومت آدمشماري ڪرائي ته چئو ٿا غلط آهي، ان وقت جي حڪومت آدمشماري ڪرائڻ جي فيصلي لاءِ 4 سال ڇو لڳايا؟ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ممڪن نه آهن، اها ڳالهه ڪريو، جيڪا ممڪن هجي، جيڪڏهن ڪير آئين جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو ته آرٽيڪل 6 لڳندو، چيف جسٽس سپريم ڪورٽ بار جي وڪيل عابد زبيري کي چيو ته تاريخ نه ڏيڻ جو ذميوار اوهان صدر کي قرار ڏئي رهيا آهيو، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي فيصلي بعد اسان عام ڪيس مقرر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا، ميڊيا تي ڊگهيون تقريون ۽ عدالتي ڪمري ۾ وڪيل وٽ ڪجهه ناهي هوندو، جيڪڏهن اسان کي دير ڪرڻي هجي ها ته فوجي عدالتن واري ڪيس ۾ نئين بينچ جوڙي ڇڏيون ها، جسٽس اطهر من الله سوال ڪيو ته وضاحت ڪريو دير تي ڪنهن کي نتيجا ڀوڳڻ گهرجن، چيف جسٽس وڪيل کي چيو ته ڪو ته ذميوار آهي؟ ڇا اوهان صدر خلاف ڪارروائي چاهيو ٿا؟ پوءِ توهين عدالت جي درخواست کڻي اچو اوهان کي ڪنهن روڪيو آهي؟ چيف جسٽس پاران عابد زبيري کان سوال ڪيو ويو ته ڇا پي ٽي آءِ ۽ سپريم ڪورٽ بار جي درخواست هڪجهڙي آهي؟ عابد زبيري چيو ته جي بلڪل ٻنهي ۾ ساڳيو موقف آهي، 90 ڏينهن ۾ چونڊن جو مطالبو آهي، ٻڌڻي بعد سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، ٻڌڻي 2 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي.