سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪير چاهي يا نه، اڄ نه ته سڀاڻي چونڊون ٿينديون، 90 ڏينهن نه ته 120 ڏينهن ۾ اليڪشن ته ٿيڻي آهي، 70 سالن کان ساڳيا چهرا اچي رهيا آهن، هاڻي ڪنهن ٻئي کي موقعو ملڻ گهرجي، ڀتين تي به لکيل آهي ته حڪومت پيپلز پارٽي ٺاهيندي، ڪرڪيٽر کي ڪنهن به صورت ۾  واپس اچڻ  نه ڏينداسين، سکر جي جناح ميونسپل اسٽيڊيم ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته  پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تہ ٻاھرين ملڪن ۾ عدالتن جا منصف انصاف ڏيندا آھن، پر پاڪستان ۾ ائين ناھي، پاڪستان ۾ عدليا جا منصف قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي انصاف ڏيڻ بجاءِ ڦاھي تي لٽڪائي ڇڏيو، شھيد بينظير ڀٽو، آصف علي زرداري ۽ آئون بہ قائد عوام جي خون سان انصاف لاءِ عدالت ايندا رھيا آھيون، پر ھن وقت تائين عدالت مان انصاف ناھي ملي سگھيو. سکر ۾ عدالتي حڪم تحت ڪئنالن تي آباد ماڻھن کي بي گھر ڪيو ويو جنھن تي پ پ جي سنڌ حڪومت کي ھدايت ڏني وئي تہ بي گھر ٿيل ماڻھن کي پلاٽ فراھم ڪرڻ منصوبا بندي ڪئي وڃي. سنڌ حڪومت بي گھر ماڻھن کي پلاٽ ڏيڻ لاءِ 200 ايڪڙ زمين مختص ڪئي جنھن تي 7200 متاثر خاندانن کي پلاٽن جو مالڪ بڻايو ويو آھي. پ پ جي ڪوشش رھي آھي تہ سکر جي ڪچي آبادين کي ريگيولر ڪري انھن مالڪانہ حق ڏنا وڃن ائين نہ ٿئي تہ ڪو جج اچي انھن کان بہ اجھو کسي وٺي. پ پ اقليتن جو تحفظ ڪندي انھن جي فلاح ۽ بھبود لاءِ ڪم ڪيا آھن، بي گھر ٿيل اقليتي خاندانن کي 300 گھرن جا مالڪانہ حق ڏنا ويا آھن. ڇو جو ڀٽو جي پارٽي عوام ۽ غريب دوست آھي، پ پ اٽي، لٽي ۽ اجھي جو صرف نعرو ناھي ھڻندي پر اُن تي عمل بہ ڪندي آھي. ھن چيو تہ ملڪ ۾ اشرافيا کي فائدو پھچائڻ لاءِ پاليسون جوڙيون وينديون آھن پر پ پ اقتدار ۾ اچي غريب، مزدور، محنت ڪش ماڻھن جي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪندي آھي. ان جو سبب ئي آھي جو پ پ جي سنڌ حڪومت سکر ۾ اين آءِ سي وي ڊي، چلڊرين اسپتال، ايس آءِ يو ٽي، ميڊيڪل ڪامپليڪس، يونيورسٽيز قائم ڪيون آھن. اين آءِ سي وي ڊي جھڙو ادارو اسلام آباد ۽ لاھور ۾ بہ ناھي، پنجاب صوبي ۾ صرف ھڪ لاھور ۾ لِور ٽرانسپلانٽ سينٽر ٺاھيو ويو آھي جتي پڻ مفت علاج جي سھولت موجود ناھي. ان جي مقابلي ۾ پ پ خيرپور ۾ گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۾ غريبن کي جيري جي پيونڪاريءَ جي مفت علاج جي سھولت فراھم ڪئي آھي. ملڪ ۾ اميرن جي علاج لاءِ تہ وڏيون وڏيون اسپتالون موجود آھن پر غريبن جي علاج لاءِ ڪي بہ ادارا موجود نہ ھئا جھن تي پ پ جي عوامي حڪومت غور ڪندي غريبن کي مفت علاج جون سھولتون مھيسر ڪرڻ جي لاءِ وقتائتا قدم کنيا. سکر ۾ ايس آءِ يو ٽي ميڊيڪل ڪامپليڪس جي سامھون ڪينسر جي مفت علاج لاءِ اسپتال تي ڪم جاري آھي ايندڙ حڪومت ۾ ان جو افتتاح ڪيو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ پاڪستان لاءِ نوجوان قيادت جي اھم ضرورت آھي ڇو جو پاڪستان ۾ 70 سيڪڙو آباد نوجوانن جي آھي. ھڪ نوجوان 18 مھينا وزير خارجا رھي ثابت ڪيو آھي تہ نوجوانن کي ملڪ جي خدمت ڪرڻ جو جيڪڏھن موقعو ملندو تہ پوءِ نوجوان پاڻ ملھائي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڀرپور نموني سان ڪندا. مون ڀت تي لکيل ڏٺو آھي تہ ايندڙ حڪومت پ پ جي ھوندي. اسان محنت ۽  جدوجھد ڪريون ٿا، نوجوانن گھرجي تہ ايندڙ چوندن ۾ پ پ اميدوارن کي ڪامياب ڪن تہ جئين ٻوڏ متاثرن جيان ايندڙ وقت ۾ پ پ عوام جي خدمت واري سفر جاري رھيو. ھن چيو تہ 18 ھين ترميم ذريعي پ پ صوبن کي خودمختياريءَ ڏياري. ايندڙ چونڊن ۾ جيڪڏھن پ پ وفاق ۾ حڪومت ٺاھي تہ قانون ۽ آئين تحت رھيل خودمختياري وارو ڪم پورو ڪيو ويندو، جنھن سان وفاق جا ساليانو 200 ارب روپيا بچائي سگھجن ٿا، جنھن مان سنڌ صوبي کي عوام جي خدمت تي ھڪ 100 ارب خرچ ڪري عوامي خدمت ۽ فلاح جا منصوبا جوڙي سگھجن ٿا. وفاقي اين ايف سي ايوارڊ جي 100 ارب روپين تي قبضو ڪيو آھي. جنھن جو بار غريب ۽ مزدور طبقي تي مھانگائي، بيروزگاريءَ جي صورت ۾ پئجي رھيو آھي. اشرافيا جي لاءِ تہ سھولتون موجود آھن پر مافيا عوام کي رليف ڏيڻ بجاءِ غريب عوام کي مھانگائي، بيروزگاريءَ ۽ بدامني جي ور چاڙھي ڇڏيو آھي. قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي ساٿ سان ملڪ ۾ جمھوريت جي حڪمراني قائم ڪري عوام جي قسمت تبديل ڪئي بينظير ڀٽو شھيد عوام خاطر تاريخ رقم ڪري غريب ۽ ھاري دوست حڪومت ٺاھڻ لاءِ راھ ھموار ڪئي. ھن چيو تہ عمران خان کوکلا اعلان ڪيا پر آئون عوام آڏو اھڙي ڪا بہ دعوي نہ ڪندس جنھن تي عمل نہ ڪرائي سگھجي. ھن چيو تہ صحافي برادري شھيد جان محمد مھر جي قتل تي سراپا احتجاج بڻيل آھي، پيپلز پارٽيءَ سينيئر صحافي جان محمد مھر جي قتل خلاف صحافي براري سان گڏ بيٺل آھي جيستائين شھيد جان محمد مھر جا قاتل گرفتار نہ ٿيندا تيستائين خاموش نہ ويھنداسين. آءٌ نگران حڪومت کان سينيئر صحافي جي قاتلن جي گرفتاريءَ واري معامري تي ڳالھائيندو رھيو آھي. شھيد جان محمد مھر جي خون سان انصاف نہ ٿيڻ تائين پ پ خاموش نہ ويھندي. اميد آھي تہ نگران حڪومت امن امان بحال ڪرائي جان محمد مھر جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪندي. آخر ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪئنال متاثر خاندانن ۾ پلاٽن جا الاٽمينٽ آرڊر ورھايا. مجموعي طور تي 7200 متاثر خاندانن ۾ روھڙي ويجھو 200 ايڪڙ زمين جا الاٽمينٽ آرڊر ڏنا ويندا. اِن کان اڳ شھيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفہ ڀٽو طرفان اقليتي برادري جي 200 خاندانن کي گھرن جا مالڪانہ حق ڏنا ويا.