ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم ) سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه اعتراف ڪيو آهي ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب  سنڌ جا 19 هزار اسڪول متاثر ٿيا، 613 ليبارٽريون  مڪمل طور تباهه ٿي ويون، شهري اسڪولن ۾ ڪمپيوٽر ليب آهن پر ٻهراڙين جي اسڪولن ۾ اهي ليب   فنڪشنل ناهن، تعليم کاتي وٽ ڪمپيوٽرن جي سکيا  جي حوالي سان ڪا به پاليسي ناهي، ڪالهه سنڌ اسمبلي ۾ ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته اسڪولن جي هيڊ ماسترن کي فنڊ ڏنا ويندا آهن، سنڌ ۾ استادن جي ٽريننگ لاءِ  36 ٽيچرز ٽريننگ سينٽر آهن، جتي استادن کي ابتدائي تربيت ڏني ويندي آهي، استاد ٿيڻ لاءِ ٽيچرز لائسنگ جي الڳ ٽيسٽ ڏيڻي پوندي، جيڪو به اها ٽيسٽ ڪليئر ڪندو، انهي کي 16 هين گريڊ ۾ ملازمت ملندي، هن چيو ته ڪراچي جي درساڻي ڇني ۾ استادن کي تربيت ڏني پئي وڃي، استادن جي حاضري چڪاسڻ واري ايپ فلحال ستن ضلعن ۾ شروع ڪئي آهي جيڪا عدالتي حڪم تي ٺاهي آهي، اڳتي هلي ان کي سڄي صوبي تائين وڌايو ويندو ايپ ۾ ڪجهه  فني خرابيون آهن، جن کي به درست ڪيو ويندو،  هن ايپ جي اچڻ سان استاد تنظيمن جون رڙيون اچڻ شروع ٿي ويون آهن ، انهي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي ايپ ڊيوٽي چور استادن لاءِ تمام ضروري آهي، ڪافي علائقن ۾ انٽرنيٽ جو نيٽ ورڪ ناهي، ان ڪري ڪجهه مسئلا ٿياآهن ، اسان  ايپ کي وڌيڪ بهتر ڪنداسين، هن چيو ته حاضري ايپ وسيلي معلوم ٿيو آهي ته 56 ھزار کان وڌيڪ استاد مهيني ۾ ٽي يا چار ڀيرا  اسڪول اچن ٿا، باقي 25 ڏينهن اسڪول نه ٿا اچن، اسان مسلسل غيرحاضر رهندڙ 14سئو استادن کي نوڪرين مان ڪڍيو آهي، غيرحاضر استادن خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان اڳ انهن کي وضاحت جو موقعو به ڏنو ويندو آهي هن چيو ته تعليم کاتي جي 90 سيڪڙو بجيٽ پگهارن ۽ پينشن ۾ وڃي ٿي، محدود بجيٽ ۾ اسڪولن جي مرمت ڪيئن ڪنداسين؟  هن چيو ته  اسان وٽ ڪو به قانون اسڪول جي تعريف بيان نه  ٿو ڪري ته اسڪول ڇا هوندو آهي؟  ٻن ڪمرن وارو اسڪول ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ پهرين ته اسان کي اسڪول جي نئين سر تشريح ڪرڻي پوندي. سوال جوابن کانپوءِ پي ٽي آءِ جي ميمبرن خرم شير زمان ۽ ٻين  پنهنجي ساٿي ارسلان تاج جي گرفتاري ۽ پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيڻ تي ڳالهائڻ چاهيو، اسپيڪر پاران اجازت نه ملڻ تي هنن احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي،  هنن  اسپيڪر جي ڊائيس آڏو گڏ ٿي شديد احتجاج ڪيو، ان دوران اسپيڪر جي ڊي اي جي شهريار مهر کي بجيٽ تي ڳالهائڻ جي اجاز ڏني پر شديد احتجاج سبب شهريار مهر تقرير نه ڪري سگهيو، جنهن بعد اسپيڪر آغا سراج دراني اسيمبلي جواجلاس اڄ منجهند جو 12 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.هوڏانهن پي ٽي آءِ طرفان ارسلان تاج جي گرفتاري خلاف مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرايو آهي،