بيجنگ(انٽريسٽنگ نيوز) 9 هزار هڪ سئو گاڏين تائين جي گنجائش رکندڙ Höegh Aurora  گاڏين جو بار کڻڻ وارو دنيا جو سڀ کان وڏو سامونڊي ڪارگو شپ آهي، اروره کي چائنا مرچنٽس هيوي انڊسٽري جيانگسو ۾ بڻايو هو ۽ ان کي ناروي جي هوئي آٽولائنرز ذريعي هلايو ويندو آهي، اروره تقريبن 37.5 ميٽر ويڪرو ۽ 199.9 ميٽر ڊگهو آهي، ان کي مختلف قسمن جي گاڏين جي کڻي وڃڻ لاءِ دنيا جو سڀ کان وڏو خالص ڪار ۽ ٽرڪ ڪيريئر (پي سي ٽي سي) سامونڊي جهاز قرار ڏنو ويندو آهي، مضبوط ڊيڪس ۽ بهترين اندروني ريمپ سسٽم سبب اهو سمورين 14 ڊيڪن تي وزني گاڏيون کڻي وڃي سگهندو آهي، 9100 گاڏين جي گنجائش سان گڏ اهو ڪيريئر 600 شپس سبب پهرين دنيا جي سڀ کان وڏي گاڏين جي ڪيرئير کي پٺتي ڇڏي ڏيندو آهي.