راولپنڊي(م ڊ) تحريڪ انصاف جي باني عمران خان چيو آهي ته ڳالهين جي لاءِ هميشه تيار آهيون، فيصلو ڪندڙن سان ڳالهيون ٿينديون. 9 مئي هنن جي انشورنس پاليسي آهي ختم ٿيڻ سان سندن حڪومت ۽ سياست ختم ٿي ويندي، جمهوريت جو راڳ آلاپيندڙ بوٽ کي عزت ڏيڻ ۾ لڳي ويا، اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي عمران خان چيو ته 9 مئي هنن جي انشورنس پاليسي آهي، ختم ٿيو ته هنن جي حڪومت ۽ سياست ٻئي ختم ٿي ويندا. جاچ ڪرڻي آهي ته 9 مئي جي لاءِ جوڊيشل ڪميشن ٺاهيو وڃي، جڏهن به ڳالهين جي لاءِ ڳالهيون شروع ٿينديون آهن ته هي 9 مئي جو گوڙ شروع ڪري ڇڏيندا آهن، اسان ڳالهين جي لاءِ هر وقت تيار آهيون پر فيصلو ڪندڙن سان ڳالهيون ٿينديون. پي ٽي آءِ باني چيو ته منهنجو آڪسفورڊ يونيورسٽي جو چانسلر بنجڻ پاڪستان جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه هوندي، جيڪڏهن چانسلر نه بڻجي سگهيس ته انهي ۾ ڪابه وڏي ڳالهه نه آهي، پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ انهي هنڌ تائين ڪوبه ناهي پهتو جتي مان پهتو آهيان، عمران خان وڌيڪ چيو ته گنيز بڪ ۾ 2 وڌيڪ انٽريون ٿيڻ واريون آهن، هڪ انٽري انهي يوٽرن جي هوندي جنهن ۾ ووٽ کي عزت ڏيو جو چئي بوٽ کي عزت ڏني وئي. نوازشريف اڍائي سالن تائين ووٽ کي عزت ڏيو جو چوندو رهيو. فوج ۽ مارشلائن تي تنقيد ڪندو رهيو. خواجه آصف فوج کي جيترو گهٽ وڌ ڳالهايو ڪنهن ناهي ڳالهايو. احسن اقبال پهريون ڀيرو حمودالرحمان ڪميشن رپورٽ جو ٻڌايو. احسن اقبال فوج بابت چيو هو ته اها رياست جي اندر هڪ ٻئي رياست آهي، احسن اقبال اهو به چوندو رهيو ته پاڪستان ميانمار بڻجڻ وڃي رهيو آهي. عمران خان چيو ته گنيز بڪ ۾ ٻئي انٽري انهي جي ٿيندي ته نوازشريف چئني امپائرن سان گڏجي کيڏيو پر پوءِ به کيس شڪست ملي، ٻئي پارٽي کي ميچ کيڏڻ ئي نه ڏنو ويو.