لاهور(م ڊ) لاهور ڪوٽ لکپت جيل ۾ ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، شاهه محمود قريشي، ڊاڪٽر ياسمين راشد، صنم جاويد سميت ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو، جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ شاهدن کي طلب ڪري ورتو، ٻڌڻي 16 جنوري تائين ملتوي، شاهه محمود قريشي ۽ ٻين خلاف شاد مان ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي هڪ ٻئي ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي سميت ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.