9 مئي وساري اڳتي وڌو، ٻيهر رستن تي اچڻ لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي، مينڊيٽ واپس ڪريو: پي ٽي آءِ … پي ٽي آءِ 9 مئي ۾ ملوث، ازالو ڪير ڪندو؟ پهرين 2018ع جو منيڊيٽ مڃو پوءِ واپس وٺو: حڪومت

0
22
9 مئي وساري اڳتي وڌو، ٻيهر رستن تي اچڻ لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي، مينڊيٽ واپس ڪريو: پي ٽي آءِ ... پي ٽي آءِ 9 مئي ۾ ملوث، ازالو ڪير ڪندو؟ پهرين 2018ع جو منيڊيٽ مڃو پوءِ واپس وٺو: حڪومت
9 مئي وساري اڳتي وڌو، ٻيهر رستن تي اچڻ لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي، مينڊيٽ واپس ڪريو: پي ٽي آءِ ... پي ٽي آءِ 9 مئي ۾ ملوث، ازالو ڪير ڪندو؟ پهرين 2018ع جو منيڊيٽ مڃو پوءِ واپس وٺو: حڪومت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمليءَ جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ 26 نومبر جي احتجاج واري معاملي تي سيد خورشيد شاهه جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل پارلياماني ڪاميٽي کي فوري اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. چيئرمين پي ٽي آءِ بيئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته هاڻي 9 مئي طرف ويهڻ ڏيو ۽ مسئلن جي حل لاءِ هن ايوان ذريعي اڳتي وڌو نه ته ٻيهر روڊن تي اچي وينداسين. وفاقي وزير امير مقام پي ٽي آءِ کي تي طنز ڪندي چيو ته اوهان احتجاج ڪرڻ نه پر باني تحريڪ انصاف کي وٺڻ آيا هئا پوءِ خالي ڇو هلايا ويا. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ 26 نومبر تي احتجاج واقعي جي گونج ٻيهر ٻڌي وئي. مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب مطالبو ڪيو ته هن ايوان سيد خورشيد شاهه جي سربراهيءَ ۾ پارليماني ڪاميٽي جوڙي هئي جنهن کي آئين، قانون سازي ۽ ميمبر پارليمينٽ متعلق معاملن کي ڏسڻو هو. 26 نومبر تي جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي پارليماني جاچ لاءِ پارليماني ڪاميٽي جو اجلاس فوري طور تي گهرايو وڃي. وفاقي وزير امير مقام چيو ته ضلع ڪرم ۾ چار سو ماڻهو ماريا ويا، صوبائي حڪومت احتجاج ڪندي رهي، صوبي جي حقن جي لاءِ گورنر هائوس ۾ اي پي سي جو هنن پائيڪاٽ ڪيو. پنهنجي ٻارن کي ٻاهر ويهاري هِتي پشتونن جي ٻارن کي رڻ لاءِ ڇڏيو ويو. اوهان ته باني چيئرمين کي وٺڻ آيا هئا ڇا وٺي ويا؟ چيئرمين پي ٽي آءِ بيريسٽر گوهر علي خان چيو ته 9 مئي تي گهڻو ڪجهه ٿيو هاڻي ان جي آس پاس ويهڻ گهرجي ۽ اسان ڳالهين لاءِ ڪاميٽي جوڙي آهي. هن ايوان ذريعي ڳالهيون ڪري رستو ڪڍيو وڃي. ڳالهين کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي ٻي صورت ۾ ٻيهر روڊن تي اينداسين. پي ٽي آءِ ميمبر شير افضل مروت چيو ته هي ڪهڙو ظلم آهي لاشون به اسان جون ڪريون ۽ ڪيس به اسان تي داخل ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف سينيٽ ۾ ڊي چوڪ احتجاج تي بحث شروع ٿي ويو. اپوزيشن ليڊر شبلي فراز  چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز فوجي قيادت خلاف اشتعال انگيز تقريرون ڪيون هيون، پر اسان هنن سان اهڙو سلوڪ نه ڪيو، 9 مئي ۽ 24 نومبر جي واقعي جي شفاف جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي وڃي، هي ڪميشن ۾ سپريم ڪورٽ جا ٽي سينيئر ججز شامل هجن. حڪومت جي ڳالهين باهه تي تيل وارو ڪم ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان نه ڇڏينداسين. سياسي اڳواڻن جي اهڙي ٻولي نه هئڻ گهرجي، هڪ آمر به اهڙي ڳالهه ناهي ڪندو. 26 نومبر تي جيڪو ٿيو اهو سڄي دنيا سامهون آهي. جيڪڏهن توهان چئي رهيا آهيو ته اهو اسان ڪيو، اوهان ڪا وڊيو، سي سي ٽي وي فٽيجز ڏيو. ڪميشن قائم ڪئي وڃي، کير جو پاڻي پاڻي ٿي ويندو. جيڪو اڄ اسان سان ٿي رهيو آهي اهو سڀاڻي توهان جي پارٽي سان ٿيندو. سينيٽ اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي تقرير کانپوءِ قائد ايوان ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته اسان کي 2018ع جي مئنڊيٽ تي حڪومت ڪرڻ ڏيو، اُن کانپوءِ پي ٽي آءِ 2024ع وارو مئنڊيٽ واپس وٺي، هن چيو  ته سنگجاڻي جي آڇ ڪرڻ باوجود احتجاج لاءِ رڳو ڊي چوڪ جي چونڊ ڪئي وئي، جيڪڏهن سياسي پارٽي ۾ ڪي خراب ماڻهن آهن ته کين نيڪالي ڏيڻي پوندي، پي ٽي آءِ جي مظاهرن ۾ 3 درجن کان وڌيڪ افغاني هئا، جيڪي هاڻي جيل ۾ آهن، افغان شهرين ٻڌايو ته کين ڏهاڙي ڏني وئي هئي. هن چيو ته سوشل ميڊيا ذريعي جعلي خبرون پکيڙي ڪهڙو حق ادا ڪيو پيو وڃي؟، حڪومت کي جيڪي رپورٽ ڏني وئي آهي اِن مطابق احتجاج ۾ هوائي فائرنگ ٿي آهي. هنن جي ليڊر شپ فرار ٿي وئي آهي. ڀاڄ پئجي وئي شايد اِن ۾ ڪجهه زخمي ٿيا هئا. احتجاج سبب ملڪ کي روزانو 190 ارب جو نقصان ٿيو. احتجاج ڪرڻو آهي اچو ٻڌايو جڳهه جو تعين ڪريون. اها ئي جڳهه اوهان ۽ اسان جي لاءِ هوندي. جيڪڏهن ملڪ کي اڳتي وڌائينداسين ته هر ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکارينداسين.

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خان، مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب خان، ڊاڪٽر بابر اعواڻ پارليامينٽ هائوس ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڊاڪٽر بابر اعواڻ کي اڄ سينٽر اعجاز چوڌري جو پروڊڪشن آرڊر ڏيڻ لاءِ مينڍيٽ ڏنو ويو هو. عمر ايوب چيو ته اسان 24 مئي ۽ 26 مئي تي قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي پي ٽي آءِ باني سميت سمورن قيدين کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، حسن نيازي ۽ ٻين کي فوجي ٽرائل ۾ موجود ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي. بچاءَ واري وزير خواجا آصف سنجيدگي ڏيکارڻ بدران مذاق اُڏاريو. خواجا آصف بي بنياد ڳالهيون ڪري ٿو، ن ليگ به کيس سنجيده نه ٿي وٺي. هن چيو ته گولي ڇو هلائي وئي،  گولي ڪنهن هلائي؟؟ حڪومت ان تي ڪو به جواب ناهي ڏنو. ان سڀ جو ذميوار شهباز شريف آهي، سندس هٿ به ماڊل ٽائون جي رت سان رنگيل آهن، اسان جا 200 ماڻهو گم آهن، 5 هزار ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. ڊي چوڪ ۾ معصوم شهرين تي نيٽو هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بابر اعواڻ چيو ته سينٽر اعجاز چوڌري سينيٽ ۾ هڪ صوبي جو نمائندو آهي، کيس ڏيڍ سال جيل ۾ رکيو ويو آهي. جڏهن ته شهباز شريف تي 14 ارب جي ڪرپشن جو الزام هو، ان کي جسماني رمانڊ تي هئڻ باوجود ايوان ۾ پيش ڪيو ويو، ٻئي طرف اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ، بئريسٽر گوهر جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته 9 مئي تي مٽي اُڏارڻ وارا اڄ مٽي ويهارڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، تحريڪ انصاف گولي هلائڻ جو ڪوڙو بيانو ٺاهي رهي آهي، جيڪڏهن گولي هلي آهي ته ثبوت ڇو نه ٿا آڻين؟. ڊوڙ ڇو لڳائي وئي، موقعي تان ڀڄڻ وارا بهانا بڻائي رهيا آهن. 26 نومبر تي وفاقي حڪومت تي لٺن، پٿرن، اسٽن گنن ۽ هٿيارن سان هٿياربندن حملو ڪيو هو، پوليس ۽ رينجرز جا جوان شهيد ۽ زخمي ٿيا، ان نقصان جو ازالو ڪير ڪندو؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شهيد فوجين جو رت ڪنهن جي هٿن تي ڳولهيون؟، تحريڪ انصاف وٽ فائرنگ جا ثبوت آهن ته سامهون آڻي، پرتشدد سياست ۽ پرتشدد احتجاج پي ٽي آءِ جو مقصد آهي، توهان تي جيڪي سوال اٿاريا ويا آهن انهن جا جواب ڏيو، الزام لڳائي انهن کان منهن نه موڙيو، 9 مئي سانحي جا سمورا ثبوت موجود آهن تحريڪ انصاف جي سموري قيادت 9 مئي سانحي ۾ ملوث آهي. هوڏانهن پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف پي ٽي آءِ کي اقتدار ۾ آڻڻ ۾ جنرل فيض مرڪزي ڪردار هو، جنرل فيض حميد ۽ پي ٽي آءِ جي باني جي ڀائيواري 2018ع کان اڳ جي آهي، اها پارٽنرشپ 9 مئي ۽ ان کان پوءِ به جاري رهي. جيڪڏهن ڪو ان ڳالهه کان انڪاري آهي ته جيڪي ثبوت ۽ شاهديون موجود آهن ان سان گذريل ڇهن سالن جي پاٽنرشپ ثابت ٿي ويندي. باني پي ٽي آءِ کي ڪيئن اقتدار ۾ آندو، آر ٽي ايس ڪيئن لڳايو، 2018ع جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي هر قسم جي مدد ڪيئن ڪئي وئي. هن چيو ته ڪيئن مخالفن کي جيلن ۾ وڌو ويو، ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا، انهن جي خاندانن تي ڪيس ٺاهيا ويا، ڪهڙي طرح ڦرلٽ ڪئي وئي، ڪيئن پي ٽي آءِ جي باني ۽ سندس زال وڏن وڏن واپارين سان گڏجي ڪرپشن ڪئي. پي ٽي آءِ جي حڪومت دوران سينيٽ چونڊن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي پويان توهان کي اهي 2 کان 3 ڪردار نظر ايندا. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ جي فوجي ٽرائل بابت قانون فيصلو ڪندو، باني پي ٽي آءِ جي دور ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جو فوجي ٽرائل ٿيو. صحافي سوال ڪيو ته ڇا جنرل فيض جي ملٽري ٽرائل ۾ چارج شيٽ ڪرڻ سان اثر جنرل باوجوا تائين ويندا؟ اِن سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن شاهديون سامهون آيون ته ڪجهه نه ڪجهه اثر پوندا. مون کي خبر ناهي ته هڪ صفحو اڃا تائين موجود آهي يا ڦاٽي پيو اِن متعلق معلوم ناهي. پي ٽي آءِ گذريل ڏينهن اسيمبلي ۾ 12 ڄڻن شهادتن جا ڪي به ثبوت پيش نه ڪيا، علي امين گنڊاپور جي گارڊن پنهنجن ئي ماڻهن کي ماريو ۽ الزام پوليس ۽ رينجرز تي هنيو پيو وڃي. هي 12 ڄڻن جي ڳالهه ڪن ٿا جيڪي 5 ماڻهو رينجرس ۽ پوليس جا شهيد ٿيا انهن جي ڳالهه ڇو ناهن ڪندا. ڇا اُهي پاڪستاني نه هئا؟ سوشل ميڊيا تي جيڪو ڪجهه ڏيکاريو پيو وڃي اهو سچ ناهي