لاهور (م ڊ) لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدلات پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ڀينرن کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عمران خان جون ڀينرون عليمه خان ۽ عظميٰ خان عبوري ضمانت جو مدو ختم ٿيڻ تي عدالت پهچي ويو. ان کان اڳ عدالت ٻنهي جون 4 مختلف ڪيسن ۾ عبوري ضمانتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي هئي. عدالت جي ايڊمن جج عبهر گل ٻڌڻي ڪئي. 9 مئي واقعي، جناح هائوس حملي ڪيس ۾ عدالت پڇاڻو ڪيو ته عليمه خا ۽ عظميٰ خان جاچ ۾ شامل ٿيون يا نه؟ جاچ آفيسر ٻڌايو ته اهي اڃا جاچ ۾ شامل ناهن ٿيون. عليمه خانعدالت کي چيو ته اسين گذارش ڪري رهيا آهيون ته اسان کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي. عظميٰ خان چيو ته اسان جو حق آهي ته اسان کي عدالت جي آڏو ڳالهائڻ ڏنو وڃي. اسين ڪڏهن ٿا چئون ته جاچ ۾ شامل نه ٿينداسين. عدالت پڇاڻو ڪيوته توهينٻڌايو توهان هنن وٽ ڪڏهن وينديون؟ جنهن تي عظميٰ خان چيوته اسين 3 مهينن کان چڪر لڳايون پيا پر جاچ ۾ شامل نٿو ڪيو وڃي. عدالت چيو ته اڄ ئي جاچ ۾ شامل ٿي وڃو، اسان کي ڪيس کي فائنل ڪرڻوآهي، پوليس جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪري.