اسلام آباد(م ڊ) نگران حڪومت جي دور ۾ ڪيل 9 سانحي جي واقعن بابت جاچ جا تفصيل سامهون اچي ويا. خانگي ٽي وي موجب رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 9 مئي جا واقعا باقاعده منصوبابندي تحت ڪيا ويا، باني پي ٽي آءِ ان ۾ سڌو سنئون ملوث هو. ذريعن جو چوڻ هو ته رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي اڳواڻن تشدد کي هوا ڏيڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو پر شاهه محمود قريشي، چوڌري پرويز الاهي خلاف ڪيس قائم ٿيڻ باوجود جاچ رپورٽ ۾ نالا شامل ناهن. ذريعن موجب تحقيقاتي رپورٽ ۾ حماد اظهر، زرتاج گل، مراد سعيد، علي امين گنڊاپور ۽ شاندانه گلزار جا نالا شامل آهن. ان کان علاوه فرخ حبيب، علي زيدي، ڪنول شوذب، شهريار آفريدي کي به ملوث قرار ڏنو ويو، سينيٽر اعجاز چوڌري، فيصل جاويد، ڊاڪٽر ياسمين راشد، محمود الرشيد کي به ملوث ڄاڻايو. پاڪستان تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ عمر چيمه، حسان نيازي، عاليه حمزه، جمشيد اقبال چيمه، مسرت چيمه به پرتشدد واقعن ۾ ملوث هئا.