ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس 9 مئي تي ڪراچي جي مک روڊ شاهراهه فيصل سميت ٻين هنڌن تي هنگامن ۾ ملوث پي ٽي آءِ جي 92 اسيمبلي ميمبرن، اڳواڻن  ۽ ڪارڪنن جون تصويرون ۽ وڊيوز جاري ڪري ڇڏيون.. پوليس طرفان جاري ڪيل تصويرن ۾ پي ٽي آءِ جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز به ڏيکاريا ويا آهن ، جاري ڪيل تصويرن ۾ پي ٽي آءِ ڪراچي جا عهديدار به شامل آهن،  تصويرن ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪن به وڏي انگ ۾ نظر اچي رهيا آهن، ايم پي اي راجا اظهر ۽ ايم اين اي فهيم خان به موجود آهن. تصويرن ۾ ڊاڪٽر مسرور سيال، گوهر خٽڪ،  حليم عادل شيخ، ايم پي اي ڊاڪٽر سعيد آفريدي ۽ ايم اين اي سيف الرحمان محسود به موجود آهن، تصويرن ۾ ايم پي اي رابستان خان ۽ سندس ڀاءُ پير رحمان، پي ٽي آءِ اولهه ضلعي جو صدر اسد امان، اڳوڻو ايم اين اي عطاءُ الله، راجا اظهر جو وڏو ڀاءُ راجا آصف ۽ ٻيا پڻ موجود آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته شاهراهه فيصل تي قيدين جي وين کي ساڙيندڙ جي سڃاڻپ فرحان خان جي نالي سان ٿي آهي. پوليس موجب تصويرن ۽ وڊيوز ۾ نظر ايندڙ جوابدارن جي ڳولا جو عمل جاري آهي، سمورن جوابدارن تي دهشتگردي سميت ٻين قانونن تحت ڪيس داخل آهن.