راولپنڊي(م ڊ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 9 مئي سانحي جي جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو عزم ورجائيندي چيو ويو آهي ته 9 مئي جي جوابدارن خلاف فوري، شفاف عدالتي ۽ قانوني ڪارروائي کانسوءِ ملڪ سازشي عنصرن جي هٿان يرغمال رهندو، پرڏيهي قوتن سان گڏجي ڊجيٽل دهشتگردي ڦهلائي پئي وڃي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ 83هين فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ڪور ڪمانڊرز، پرنسپل اسٽاف آفيسرز ۽ سمورن فارميشن ڪمانڊرز شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، فورم شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ ملڪ جي حفاظت، سلامتي ۽ خودمختاري لاءِ هٿياربند فوج جي آفيسرن توڙي جوانن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پاڪستاني شهرين سميت شهيدن جي عظيم قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.  آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فورم کي جيو اسٽريٽجڪ صورتحال، قومي سلامتي لاءِ اڀرندڙ چئلينجن کان آگاهه ڪيو ويو ۽ ملٽي ڊومين خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج جي حڪمت عملي بابت ٻڌايو ويو.  فارميشن ڪمانڊر ڪانفرنس جي پڌرنامي موجب، پاڪستاني قوم ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا ڪندڙن جي ناپاڪ ۽ ڪريل ادارن کان پوري طرح واقف آهي، پروپيگنڊا جو مقصد قومي ادارن خاص ڪري فوج ۽ عوام وچ ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا جو مقصد پاڪستاني قوم ۾ مايوسي پيدا ڪرڻ آهي، پر انهن ناپاڪ ارادن کي مڪمل طور تي ناڪام بڻايو ويندو .آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، پروپيگنڊا ڪندڙن جي پٺڀرائي پرڏيهي اسپانسرڊ پراڪسيز ذريعي ڪئي ويندي آهي، هن حمايت جو مقصد بلوچستان جي نوجوانن کي امن ۽ ترقي کان پري رکڻ آهي. فورم هڪ ڀيرو ٻيهر عزم ورجايو ته 9 مئي جي سازش ڪندڙن، جوابدارن ۽ مددگارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، 9 مئي سانحي جي جوابدارن خلاف فوري، شفاف عدالتي ۽ قانوني ڪارروائي کانسواءِ ملڪ سازشي عنصرن جي هٿان يرغمال رهندو. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف مختلف مشقن دوران فارميشنز جي اعليٰ ۽ معياري تربيت سان گڏ دهشتگردي خلاف ڪاررواين ۾ آفيسرن ۽ جوانن جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ فارميشنز جي بلند حوصلي ۽ هر وقت آپريشنل تيارين جي به ساراهه ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فورم ملڪي سلامتي ۽ استحڪام کي پيش ايندڙ خطرن کي قوم جي ڀرپور حمايت سان ناڪام بڻائڻ جو عزم ڪيو ۽ يوم تڪبير تي پاڪستان کي حاصل ڪاميابي ۽ خطي تي ان جي مستحڪم اثرن کي ساراهيو.  فارميشن ڪمانڊر ڪانفرنس افغانستان جي سرحد کان مسلسل ڀڃڪڙين ۽ افغان سرزمين استعمال ڪندي دهشتگردي جي رٿابندي تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته دشمن پاڪستان اندر سيڪيورٽي فورسز ۽ معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ لاءِ افغانستان کي استعمال ڪري رهيا آهن. آءِ ايس پي آر موجب، فورم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ نون ضم ٿيل ضلعن جي عوام جي لازوال قربانين جو اعتراف ڪيو ۽ دهشتگردي کي فيصلائتي شڪست ڏيڻ لاءِ نون ضم ٿيل ضلعن جي ترقي جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن ٻاهرين سطح تي پروپيگنڊا ڪندڙن جو مقابلو ڪري سگهجي