اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪرٽ ۾ خصوصي عدالتن ۾ سويلين ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي دوران جسٽس مسرت هلالي ريمارڪس ڏيندي چيو ته 9 مئي تي حد ڪئي وئي. هاڻي واهان کي بنيادي حقن ياد اچي ويا آهن. جڏهن 21 هين ترميم آئيني ترميم ٿي ته ان وقت اوهان جي پارٽي ملٽري ڪورٽس جي قيام جي حمايت ڪئي. جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته 21 هين ترميم ۾ هڪ شي سٺي هئي ته سياسي جماعتن تي ان جو اطلاق نه ٿيندو. جسس عظم سعيد صاحب کي الله مغفرت عطا فرمائي هن 21 هين ترميم جو اڪثريتي فيصلو لکيو. سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلين ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي جسٽس امين الدين جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني آئيني بينچ ٻڌڻي ڪئي. دليل ڏيندي سلمان اڪرم راجه چيو ته بينچ پاران ڀارت ۾ ڪورٽ مارشل خلاف اپيل جو حق ڏيڻ جو سوال ٿيو هو. برطانيه ۾ ڪورٽ مارشل فوجي آفيسر نه پر هاءِ ڪورٽ طرز تي مقرر ججز ڪندا آهن. ڪمانڊنگ آفيسر صرف سنجيده نوعيت جو ڪيس ٿيڻ تي ڪيس آزاد فورم کي ريفر ڪري سگهي ٿو. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته برطانوي قانون ته اُتان جي فوج جي ڊسيپيلن متعلق آهي. موجوده ڪيس ۾ ته جرم عام شهرين ڪيو آهي. اهو ان تي ڪيئن اپلائي ڪري سگهجي ٿو؟ جنهن تي سلمان اڪرم راجه چيو ته برطانوي قانون جو مثال ٽرائل جي آزاد ۽ شفاف ٿيڻ جي تناظر ۾ ڏنو هو. جسٽس امين الدين خان چيو ته اسان کي پنهنجو قانون ڏسڻو آهي. برطانيه جو نه. هي غير ضروري بحث آهي اوهان وقت ضايع ڪري رهيا آهيو. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڪيس ۾ اصل سوال آهي ته موجوده نظام جي تحت سويلين جو ڪورٽ مارشل ٿي سگهي ٿو يا نه. سلمان اڪرم راجه چيو ته سويلينز جو ڪورٽ مارشل ڪنهن صورت ۾ به ممڪن ناهي. جسٽس مسرت هلالي پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان تسليم ڪريو ٿا ته 9 مئي جو ڏوهه ٿيو آهي. جنهن تي سلمان اڪرم راجه جواب گول ڪندي چيو ته مان اِن تي عدالت کي ٻڌايان ٿو. جسٽس مسرت هلالي چيو ته 9 مئي تي حد ڪئي وئي. هاڻي واهان کي بنيادي حق ياد اچي ويا آهن. جڏهن 21 هين آئيني ترميم ٿي ته ان وقت اوهان جي پارٽي لٽري ڪورٽس جي قيام جي حميت ڪئي هئي. سلمان اڪرم راجه چيو ته مان ڪنهن سياسي جماعت جي هِتي نمائندگي نه ڪري رهيو آهيان. اُن وقت هنن غلط ڪيو هو. جسٽس مسرت هلالي چيو ته ٺيڪ آهي ائين چئجي ته هڪ سياسي جماعت به 21 هين آئيني ترميم تحت ملٽري ڪورٽس جي حمايت ڪئي. جڏهن آپوزيشن ۾ آيا آهن ۽ چون ٿا ته اُن وقت غلط ٿيو. سلمان اڪرم راجه چيو ته جوابدارن جو آزاد عدالت ۽ فيئر ٽرائل جو حق آهي. جسٽس امين الدين خان چيو ته فيئر ٽرائل لاءِ اوهان کي آرٽيڪل 3 مان نڪرڻو پوندو. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته 21 هين ترميم ۾ هڪ ڳالهه سٺي هئي ته سياسي جماعتن تي ان جو اطلاق نه ٿيندو. جسٽس عظمت سعيد صاحب کي الله سائين مغفرت عطا فرمائي. هن 21 هين آئيني ترميم جو اڪثريتي فيصلو لکيو هيو. انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي 18 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي. سلمان اڪرم راجه ايندڙ ٻڌڻي تي به دليل جاري رکندو.