ڪراچي (شوبز نيوز) من موهڻي اداڪارا نيلم منير بابت 2016ع ۾ ڪيل هڪ اڳڪٿي سچ ثابت ٿي وئي، جنهن بابت ڄاڻي اداڪارا پاڻ به دنگ رهجي وئي.اداڪارا ويجهڙائي هڪ نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي، جتي هن دلچسپ سوالن جا جواب ڏنا.پروگرام دوران هن انڪشاف ڪيو ته ڪجهه عرصو اڳ سندس ايڪسينڊٽ ٿيو، جنهن ۾ هن جو پير فريڪچر ٿي پيو هو.ان موقعي تي پروگرام جي ميزبان 2016ع جي هڪ پراڻي وڊيو ڪلپ شيئر ڪئي، جنهن ۾ اداڪارا بابت هڪ اڳڪٿي ڪئي وئي هئي.ميزبان ٻڌايو ته اها وڊيو ڪلپ 2016ع جي آهي، جڏهن نيلم منير سندس پروگرام ۾ شرڪت ڪئي هئي.ان وقت شو ۾ موجود فلڪيات جي ماهر آغا بهشتي اداڪارا بابت اڳڪٿي ڪئي هئي.وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ان وقت مرحوم ڪاميڊين عمر شريف به پروگرام ۾ موجود آهي، آغا بهشتي اڳڪٿي ڪئي ته نيلم منير جي شادي ڪنهن عرب ملڪ ۾ ٿيندي، خاص طور تي اهو امڪان آهي ته سندس شادي ڪنهن دبئي يا نار واري ملڪ سان واسطو رکندڙ نوجوان سان ٿيندي، يا هوءَ شادي کانپوءِ مستقل طور تي خليجي ملڪ منتقل ٿي ويندي.ان اڳڪٿي تي تڏهن ردعمل ڏيندي نيلم منير چيو هو ته ” ائين ممڪن ناهي، منهنجو پاڪستان ڇڏڻ جو ڪو ارادو ناهي.“ياد رهي ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ نيلم منير دبئي پوليس جي سي آءِ ڊي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني نوجوان سان شادي ڪئي، جنهن بعد هوءَ دبئي منتقل ٿي وئي آهي.