ڪراچي: اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ پوليس آفيسرن ( ايس ايس پيز ) جي مقررين ۽ بدلين جو نوٽيس ورتو، آءِ جي سنڌ کي خط لکي بدليون رد ڪرڻ جو حڪم، ان ڏس ۾ صوبائي اليڪشن ڪميشن چيف سيڪريٽري ،گھرو کاتي ۽ آءِ جي سنڌ کي خط لکي ايس ايس پيز جي مقررين ۽ بدلين تي خدشا ظاھر ڪيا آهن، اليڪشن ڪميشن جي اختيارين جو چوڻ آهي ته مڪاني چونڊن جي مرحلي دوران پوليس آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون نٿيون ڪري سگھجن، اليڪشن ڪميشن جي منظوري کانپوءِ بنا  پوليس آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون قانون جي خلاف ورزي آھن، سنڌ پوليس جي 18 ۽ 19 ھين گريڊ جي آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون فوري طور رد ڪيون وڃن،