اسلام آباد (بيورو رپورٽ) 9 ۽ 10 مئي جي واقعن ۾ ملوث افغانين جي ڳولا لاءِ گهر گهر تلاشي جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن، ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق ڊور ٽو ڊور سرچ آپريشن مختلف سڪيورٽي خدشات ۽ اشتهارين جي لاءِ ڪيو ويندو، جي ايٽ ۽ ان جي آس پاس ۾ ڊور ٽو ڊور سرچ آپريشن ڪيو ويندو، اسلام آباد ۾ ڀڃ ڊاهه ڪندڙن جي عدم گرفتاري کان پوءِ  اهڙو فيصلو ڪيو ويو آهي، ملوث ماڻهن جون تصويرون حاصل ڪيون ويون آهن، نادرا کان رڪارڊ نه ملي سگهيو آهي، سي ٽي ڊي تي مشتمل 6 ٽيمون صرف جي ايٽ ۾ گهر گهر تلاشي وٺنديون، مهرآبادي، گولڙه ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ به آپريشن ڪيو ويندو.