پشاور (م ڊ) 9 مئي تي خيبرپخوتنخواهه ۾ ريڊزون جي 6 پاسن کان حملو ڪيو ويو. ان ڏس ۾ خيبر پختونخوا جي نگران وزير اطلاعات فيروز جمال چيو آهي ته 9مئي تي ريڊ زون تي 6 طرفن کان حملو ڪيو ويو . شرپسندن جو حدف گورنر هائوس، صوبائي اسيمبلي، ڪور ڪمانڊر جو گهر، سيرينا هوٽل ۽ آءِ بي هيڊڪوارٽر هئا. پريس ڪانفرنس هن چيو ته 9مئي تي ٿيل ظلم کي خيبر پختونخوا ڪڏهن به نه وساريندو . هن چيو ته گرفتاريون جاري آهن .