لاهور (م ڊ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته نوَ مئي جي ڪجهه ڪردارن کي سزا ملي وئي ۽ هاڻي مک ڪردار جو وارو آهي.لاهور ۾ پنهنجي چونڊ تڪ گرين ٽائون ۾ ليگي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عطا تارڙ چيو ته هو ڏڦيڙ ۽ ورهائڻ واري سياست تي يقين نٿا رکن، سياسي ڳالهين جا قائل آهن ۽ ڳالهيون ڪرڻ به ڄاڻن ٿا پر ملڪ ۾ سياسي دهشتگردي نه هلندي.هن چيو ته نوَ مئي معاف نه ڪرڻ جوڳو ڏوهه آهي، ماسٽر مائينڊ کي به سزا ملندي، سياست جي آڙ ۾ ملڪ تي حملا ڪيا ويا، شهيدن جي يادگارن کي مسمار ڪيو ويو، ملڪي دفاعي ٿاڪن کي نقصان رسايو ويو.وفاقي وزير چيو ته سياسي پارٽيون پوءِ پاڪستان پهريان آهي، اختلاف سياستدانن سان ڪريو، شهيدن سان دشمني ڇو ٿا ڪريو؟ هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف جي پارٽي ملڪ ۾ مهانگائي گهٽائي، معيشت جا سمورا انگ اکر هاڪاري آهن، مهانگائي وڌيڪ گهٽجندي، عوام جا مسئلا حل ڪنداسين.