اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اي ٽي سي راولپنڊي جي جج کان 9 مئي ڪيسز جي منتقلي متعلق اپيلون اُڪلائي ڇڏيون. لاهور هاءِ ڪورٽ پاران پراسيڪيوٽر جنرل پنجاب کي ڪيل 22 لک رپين جو جرمانو برقرار رکيو. عدالت پراسيڪيوٽر جنرل پنجاب ۽ جوڊيشل آفيسر جي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ جي آبزرويشنز جو اثر ختم ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي رمارڪس ڏنا ته هاءِ ڪورٽ جي اختيار ۾ مداخلت نٿا ڪرڻ چاهيون. ٻڌڻي دوران پنجاب حڪومت جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته جج بدلي ٿي چڪو آهي. مسئلو هاءِ ڪورٽ جي رمارڪس ۽ ڏنڊ جو آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته هاءِ ڪورٽ جو فيصلو پراسيڪيوٽر جنرل ۽ اي ٽي سي جج جي ڪيئرير تي اثرانداز نه ٿيندو. چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ کي پورو صوبو هلائڻو هوندو آهي. چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جج جي خلاف ريفرنس تي حڪومت کي پيغام ڏيڻو هيو. لاهور هاءِ ڪورٽ حڪومت کي پيغام ڏئي ڇڏيو. جنهن سان ايڊمنسٽريٽو جج به اتفاق ڪيو. هاءِ ڪورٽ جي اختيار ۾ مداخلت نٿا ڪرڻ چاهيون. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ڏنڊ ادا ڪري ڇڏيو ايڏو وڏو مسئلو ناهي. عدالت قرار ڏنو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي جوڊيشل آفيسر ۽ پراسيڪيوٽر متعلق فائينڊنگ ذاتي نوعيت جي آهي. عدالتي فائيڊنگ ٻنهي آفيسرن جي مستقبل تي اثر انداز نه ٿيندي. هاءِ ڪورٽ چيف جسٽس صوبي اندر عدليه جي انتظامي معاملن کي ڏسڻو هوندو آهي. مناسب ناهي ته هاءِ ڪورٽ جي فائنڊنگ ۾ وڌيڪ مداخلت ڪري،پنجاب حڪومت اڳوڻي اي ٽي سي جج راولپنڊي اعجاز آصف جي خلاف ريفرنس داخل ڪيو هيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جج جي خلاف ريفرنس ۽ ان کان 9 مئي ڪيسن جي منتقلي جي درخواست خارج ڪري ڇڏي هئي. پنجاب حڪومت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو. هوڏانهن سپريم ڪورٽ  9 مئي جي جوابدارن جي ضمانت رد واري ڪيس ۾ پنجاب حڪومت ضمانت منسوخي جي اپيلن تي غور ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. پنجاب حڪومت جي وڪيل نئين عدالتي آپشنز تي هدايت جي لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي. عدالت وڪيل کي اڄ تائين وقت ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس يحييٰ آفريدي چيو ته درست آهي ضمانت جي فيصلن ۾ بعض عدالتي فائنڊنگ درست ناهي، جيڪڏهن ڪو جوابدار ضمانت جو غلط استعمال ڪري ته قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو. فرض ڪريو ضمانت جو فيصلو واپس وٺون ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته ٽرائل ڪورٽ کي ٽن مهينن ۾ ڪاروائي مڪمل ڪرڻ جو چئون ٿا. عدالت ٻڌڻي 8 اپريل تائين ملتوي ڪري چڏي.