اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ 9 مئي متعلق ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ريمارڪس ڏنا آهن ته ٽرائل لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ ۽ انتظامي جج جو معاملو آهي. سپريم ڪورٽ ٽرائل جي مانيٽرنگ نه ڪندي، چئن مهينن ۾ ٽرائل مڪمل ڪرڻ جي فيصلي ۾ جوابدارن جا حق محفوظ ڪيا ويندا. چيف جسٽس جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني آئيني بينچ 9 مئي جوابدارن جي ضمانت رد جي پنجاب حڪومت جي اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وڪيل لطيف کوسه پيش ٿيو ۽ چئن مهينن ۾ ٽرائل مڪمل ڪرڻ جي حڪم تي اعتراض ڪندي موقف اختيار ڪيو ته ڇا ڪڏهن ائين ٿيو آهي ته چئن مهينن ۾ ٽرائل مڪمل ٿيو هجي. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي رمارڪس ڏنا ته ائين نه چئو قانون دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ روزانو ڪيسن جي ٻڌڻي جو چوندو آهي. وڪيل لطيف کوسه چيو ته عدالت جي چئن مهينن جي حڪم سان ٽرائل اپ سيٽ ٿيندو. 9 مئي واقعن تي پنج سو ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. جڏهن ته پنجاب حڪومت مطابق 24 هزار جوابدار مفرور آهن. سينيٽر اعجاز چوڌري جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس يحيٰ آفريدي پڇا ڪئي ته اعجاز چوڌري خلاف ڪهڙا ثبوت آهن؟ اسپيشل پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته ان جي خلاف وڊيو موجود آهي جنهن ۾ هو ماڻهن کي ڀڙڪائي رهيو آهي، اعجاز چوڌري جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ثبوت ڏنا ويا آهن، ٽي وي انٽرويو به آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته بي شڪ انٽرويو آهي اوهان جو موڪل نوجوانن کي ڀڙڪائي رهيو هو. جسٽس شفيع صديقي رمارڪس ڏنا ته هڪ انٽرويو 17 مئي  ۽ هڪ انٽرويو 9 مئي جو آهي. جسٽس شڪيل احمد رمارڪس ڏنا ته ڀڙڪائڻ جو ڪيس آهي ته 9 مئي واري ڏينهن يا ان کان پهريان جو ڪو ثبوت ڏيکاريو وڃي. عدالت پوليس کي وڌيڪ ثبوت پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. شيخ امتياز جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ريمارڪس ڏنا ته سازش جي الزام تي ڪنهن فرد کي جيل ۾ نٿو رکي سگهجي. جسٽس شڪيل احمد رمارڪس ڏنا ته سازش، مدد، للڪار جي لاءِ جوڳا ثبوت هجڻ گهرجن. چيف جسٽس پڇا ڪئي ته ڇا شيخ امتياز جي ڀڙڪائڻ جي ڪا وڊيو موجودآهي؟ اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي جواب ڏنو ته پيمرا سميت سمورا رڪارڊ موجود آهي. وڊيو جي فرانزڪ به ڪرائي وئي آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته هي وڊيو ناهي آڊيو آهي. ٽرائل ڪورٽ چئن مهينن ۾ ٽرائل مڪمل ڪندي. عدالت شيخ امتياز جي ضمانت ڪنفرم ڪري ڇڏي.