اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ 9 مئي جي ڪيسن ۾ باني تحريڪ انصاف جي ضمانت جي بحالي خلاف داخل پنجاب حڪومت جون اپيلون خارج ڪري ڇڏيون. عدالت باني تحريڪ انصاف جي فوٽو گراميٽڪ پولي گرافڪ ۽ وائيس ميچنگ ٽيسٽ متعلق معاملو ٻئي بينچ منتقل ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ 9 مئي ڪيسن ۾ باني تحريڪ انصاف جي جسماني رمانڊ لاءِ داخل اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اسپيشل پراسيڪيوٽر پنجاب ذوالفقار نقوي ۽ باني تحريڪ انصاف جو وڪيل سلمان صفدر عدالت ۾ پيش ٿيو. ذوالفقار نقوي موقف اختيار ڪيو ته جسماني ريمانڊ جي استدعا جي پيروي نٿا ڪريون. صرف ٽي ٽيسٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. باني تحريڪ انصاف جي جيل ۾ فوٽوگراميٽڪ، پولي گرافڪ ۽ وائيس ميچنگ ٽيسٽ ڪرڻي آهي. باني تحريڪ انصاف جيل ۾ تعاون ناهي ڪيو. هن کي پابند بڻايو وڃي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اها ڳالهه ڪٿي ڪريون ته جيل ۾ جوابدار تعاون ناهي ڪندو. وڪيل سلمان صفدر موقف اختيار ڪيو هاڻي ته معاملو فرد جرم تائين پهچي ويو آهي. ريمارنڊ ته ڪافي پوئتي رهجي ويو آهي. باني تحريڪ انصاف کان هدايت وٺڻ جو موقعو ڏنو وڃي. باني تحريڪ انصاف جي خلاف 300 ڪيس هلي رهيا آهن. باني تحريڪ انصاف سان ڪيسن تي ڳالهائڻ لاءِ مناسب وقت ناهي ڏنو ويندو. عدالت موجوده ڪيسن ۾ هدايتن جي لاءِ ضروري خصوصي حڪم نامو جاري ڪري. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته هن ڀيري اوهان جي ملاقات بغير ڪنهن حڪم جي ٿيندي. ڏسون ٿا بغير ڪنهن حڪم جي ملاقات ڪرائي وڃي ٿي يا نه. عدالت معاملو 23 اپريل تي ٻي بينچ ۾ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ايندڙ ٻڌڻي تي جسٽس هاشم ڪاڪڙ جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ ٻڌڻي ڪندي. عدالت باني تحريڪ انصاف جي گرفتاري کان اڳ ضمانت جي بحاليءَ خلاف پنجاب حڪومت پاران داخل اپيلون غير موثر ٿيڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏيون.