9مئي واقعي جي 19 جوابدارن جي سزائن ۾ معافي جو اعلان: آءِ ايس پي آر

0
37
9مئي واقعي جي 19 جوابدارن جي سزائن ۾ معافي جو اعلان: آءِ ايس پي آر
9مئي واقعي جي 19 جوابدارن جي سزائن ۾ معافي جو اعلان: آءِ ايس پي آر

اسلام آباد: 9 مئي سانحي جي 19 جوابدارن جي سزائن ۾ معافي جو اعلان، آءِ ايس پي آر موجب 9 مئي سانحي جي سزائن تي عملدرآمد دوران جوابدارن رحم ۽ معافي جون اپيلون داخل ڪيون، مجموعي طور 67 جوابدارن رحم جون اپيلون داخل ڪيون، 48 درخواستن کي قانوني ڪارروائي لاءِ ڪورٽس آف اپيل ۾ نظرثاني لاءِ اماڻيو ويو، 19جوابدارن جي پٽيشنز کي خاص طور انساني بنيادن تي قانون موجب منظور ڪيو ويو، آءِ ايس پي آر جو چون آهي ته داخل ڪيل ٻين رحم جي اپيلن تي عملدرآمد مقرر وقت ۾ قانون موجب ڪيو ويندو، جوابدارن کي ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ بعد آزاد ڪيو ويندو، ٻين جوابدارن وٽ به اپيل ۽ قانون ۽ آئين موجب قانوني حق برقرار آهن، سزائن جي معافي اسان جي منصفاڻي قانوني عمل ۽ انصاف جي مضبوطي جو ثبوت آهي، هيءُ همدردي جو نظام ۽ رحم جي اصولن کي نظر ۾ رکندي انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائي ٿو، اپريل 2024ع ۾ انساني همدردي جي بنياد تي 20 جوابدارن جي آزادي جو حڪم جاري ڪيو ويو هو، آءِ ايس پي آر موجب محمد اياز، سميع الله ۽ لئيق احمد جي سزا معاف ڪئي وئي، امجد علي، ياسر نواز ۽ سعيد عالم جي به سزا معاف، زاهد خان، محمد سليمان، حمزه شريف، اشعر بٽ، محمد وقاص ۽ محمد خليل جي به سزا معاف، سفيان ادريس، منيب احمد، محمد احمد،  محمد نواز، محمد علي، محمد بلاول ۽ محمد الياس جي به سزا معاف ڪئي وئي.