اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ 9 مئي واقعن بابت جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جي معاملي تي تحريڪ انصاف کي وڌيڪ دستاويز جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي، جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ پنج رڪني آئيني بينچ پي ٽي آءِ باني جي درخواست تي ٻڌڻي هلائي، وڪيل حامد خان 9 مئي واقعن تي جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ بابت دليل ڏنا. جسٽس جمال مندو خيل پي ٽي آءِ باني جي وڪيل حامد خان سان مڪالمو ڪندي چيو ته ڇا اوهان پنهنجي درخواست ۾ لکيو آهي ته 9 مئي واقعن ۾ ڪيترائي شهري مارجي ويا ؟ ڇا مارجي ويل ڪنهن شهري جو ڊيٿ سرٽيفڪيٽ لڳايو آهي ؟ ڪو هڪ سرٽيفڪيٽ آهي ته ڏيکاريو، جسٽس امين الدين خان چيو ته ڇا شهرين جي مارجڻ جي ڪا شڪايت داخل ٿي ؟ ڪا هڪ ايف آءِ آر داخل ڪرائي هجي ته ڏيکاريو، جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته 9 مئي واقعي ۾ مارجي ويل شهرين بابت ڪا ميڊيا رپورٽس ئي لڳائي ڇڏيو ها.