اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ 9 ۽ 10 مئي تي جوابدارن جي ضمانت رد متعلق ڪيس ۾ پنجاب حڪومت کي رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ ٻن هفتن جو وقت ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ 9 ۽ 10 مئي جي جوابدارن جي ضمانت رد ٿيڻ متعلق ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. پراسيڪيوٽر جنرل پنجاب عدالت ۾ پيش ٿيو. عاليه حمزه، شهريار آفريدي ۽ ٻين جي ضمانت رد ٿيڻ وارين اپيلن تي پنجاب حڪومت رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ عدالت کان وقت گهريو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. واضع رهي ته ضمانت رد ڪرڻ لاءِ اپيلون پنجاب حڪومت پاران داخل ڪرايون ويون هيون.