برٽش ڪولمبيا (انٽرسٽنگ نيوز) ڪينيڊا جي 82 سالن جي شخص مٿي تي بيهي ڪرتب ڏيکاريندڙ دنيا جي ٻڍڙي ترين شخص جو رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي. سندس نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڪينيڊا جي صوبي برٽش ڪولمبيا سان تعلق رکندڙ بروس آئيوز 15 سالن جي عمر کان اهڙا ڪرتب ڏيکاري رهيو آهي، هن جو چوڻ آهي ته مان 20 سال اڳ پنهنجي سالگره جي موقعي تي مٿي تي بيهڻ جي روايت جي شروعات ڪئي. هن چيو ته جڏهن اهو 60 جي ڏهاڪي ۾ هو ته سندس پوٽا پوٽيون، ڏوهٽا ڏوهٽيون لان ۾ موجود هئا، تڏهن هن انهن ٻارن کي جمناسٽڪس طرفان  راغب ڪرڻ لاءِ اهڙو عمل ڪيو، تڏهن کان مٿي تي بيهڻ جي ريت هلندي پئي اچي. بروس آئيوز گذريل سال 7 آگسٽ تي هڪ ڪوشش ڪندي 82 سال ۽ 43 ڏينهن جي عمر ۾ مٿي تي بيهي اهڙو ڪرتب ڏيکاريندڙ ٻڍڙي ترين شخص جو گنيز ورلڊ رڪارڊ حاصل ڪيو.