سکر: سکر بورڊ سان لاڳاپيل اسڪولن جي شاگردن جو چوڻ هو ته بورڊ پاران نائين ڪلاس جي شاگردن کان امتحاني فيس جي مد ۾ 1200 ۽ ڏھين ڪلاس جي شاگردن کان 2700 رپيا امتحاني فيس ورتي پئي وڃي. جڏهن ته تعليمي بورڊ پاران سکر ڪنهن به سرڪاري اسڪول جي شاگردن کان امتحاني فيس وٺڻ جي ترديد ڪندي چيو ويو آهي ته صرف مارڪ شيٽ، توڙي پڪو سرٽيفڪيٽ اسڪولن ڏانهن موڪلڻ جي مد ۾ مارڪ شيٽ جي 800 ۽ پڪي سرٽيفڪيٽ جي 1500 رپيا فيس ورتي پئي وڃي.