ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) اداڪاره ناديه حسين جي بينڪر مڙس عاطف محمد خان کي خانگي بينڪ مان 80 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو. ڪارپوريٽ ڪرائيم سرڪل وٽ داخل ڪيس موجب هڪ خانگي بينڪ جي گروپ هيڊ عاصم جاويد جي شڪايت تي عاطف خلاف فوجداري جاچ شروع ڪئي وئي، جاچ دوران هڪ ارب رپين جي غبن جو انڪشاف ٿيو.ڪيس موجب بينڪ جي سي ايف او فيصل محمود شيخ ۽ امتياز احمد جوابدارن کي سهولت فراهم ڪئي، جوابدارن ليجرز ۾ هيراڦيري ڪري جعلي مالي اڪائونٽس تيار ڪيا ۽ جعلي رپورٽون ٺاهيون.عاطف محمد خان سيڪيورٽيز پرائيويٽ ليميٽڊ جو اڳوڻو سي اي او هو. واضح رهي ته ناديا حسن ۽ عاطف خان جي شادي 2003ع ۾ ٿي هئي. کين 4 ٻار آهن.