نئين دهلي (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ 80 فٽ اونهي کوهه ۾ ڪرندڙ 11ورهين جي گونگي ۽ ٻوڙي نينگر راهول ساهو کي 104 ڪلاڪن جي ريسڪيو آپريشن کانپوءِ جيئرو ڪڍيو ويو. ڀارت جي رياست ڇٽيهه ڳڙهه جي ضلعي جنگجير جي مقامي ڳوٺ ۾ 11 ورهين جو راهول ساهو گھر ٻاهران کيڏندي 80 فٽ اونهي کوهه ۾ ڪري پيو هو. نينگر کي کوهه مان ڪڍڻ لاءِ 5 ڏينهن تائين ريسڪيو آپريشن جاري رهيو ۽ 400 کان وڌيڪ رضاڪارن امدادي ڪمن ۾ حصو ورتو.  رپورٽن موجب گذريل رات 11 ورهين جي راهول کي جيئرو ڪڍيو ويو ۽ هو تقريبن 104 ڪلاڪ کوهه ۾ ڦاٿل رهيو. نينگر ڪمزوري ۽ اسڪن انفيڪشن جي ڪري اسپتال جي انتهائي ڳڻتي جوڳي وارڊ ۾ علاج هيٺ آهي. رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نينگر کي کوهه ۾ پائپ لائن ذريعي آڪيسجن پهچائي وئي ۽ ماهرن جي ٽيمن ڪيمرائن ذريعي نينگر تي نظر رکي.