ڪراچي(انٽرسٽنگ نيوز) عمر جو تعلق صرف نمبرن سان آه نه ته عمر اوهان کي پنهنجو شوق پورو ڪرڻ کان روڪي نٿي سگهي. سوشل ميڊيا تي هڪ 80 سالن جي ٻڍڙي عورت جي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ بزرگ عورت کي پنهنجو شوق پورو ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عورت پيراسيلنگ ذريعي هوا ۾ اڏامي رهي آهي ۽ ان دوران عورت سمورن سيفٽي انتظامن جو به خيال رکيو. ڀارتي ميڊيا موجب اهڙي وڊيو بزرگ عورت جي پوٽي سيلينا موسز پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪئي جنهن ۾ هن لکيو ته منهنجي ڏاڏي زنده دل عورت هئي ۽ هن 80 سالن جي عمر ۾ پيراسيلنگ ڪئي هئي ۽ ڪجهه سال اڳ هوءَ لاڏاڻو ڪري وئي آهي. سيلينا موسز پنهنجي ڏاڏي جي ياد ۾ اهڙي وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن تي واهپيدارن طرفان مختلف تبصرن جو سلسلو به جاري آهي.