اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻن جي بيانن تي ردعمل ڏيندي اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته 8 سالن کانپوءِ پي ٽي آءِ جي فنڊنگ بابت فيصلو آيو، تڪڙ ۾ ڪيل فيصلو چوندڙن تي حيرت آهي، اليڪشن ڪميشن چيو ته ڪجهه ماڻهو ڪوڙي ۽ گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري جي ٻن فيصلن وارو الزام به رد ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن چيو ته پروپيگنڊا ڪئي وئي ته اليڪشن ڪميشن پابندي پيل فنڊنگ بابت ٻه فيصلا ڏنا، ڪميشن هڪ ئي فيصلو ڏنو آهي هر صفحي تي صحيح ٿيل آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي فيصلو به جاري ڪيو ويو.