اسلام آباد/تهران(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ايران ۾ 8 پاڪستانين جي قتل تي ڏک جو اظهار ڪيو، ايراني اختيارين کان فوري طور حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪري سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جو ناسور خطي ۾ موجود سمورن ملڪن لاءِ تباهه ڪندڙ آهي، گڏجي دهشتگردي جي خلاف مضبوط حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، وزيراعظم جي گهرو وزارت کي پاڪستاني شهرين جا لاش واپس آڻڻ جي به هدايت ڪئي، پرڏيهي وزارت موجب واقعي بعد ايراني اختيارين سان رابطي ۾ آهيون، ايران جي صوبي سيستان بلوچستان ۾ دهشتگردن ورڪشاپ تي حملو ڪري 8 پاڪستاني شهرين کي قتل ڪيو هو، واقعي جي ايران پاران سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي، ايران جي سفارتخاني پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 8 پاڪستاني شهرين جي قتل جو واقعو غيرانساني ۽ بزدلاڻو فعل آهي، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي مڪمل خاتمي لاءِ سمورن ملڪن کي گڏيل ڪوشش ڪرڻي پوندي.