ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد لڳ ڳوٺ شھمير رند ۾ پراسرار بيماري وگھي 8 ٻارن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ لمس جي ٽيم متاثر ڳوٺ پھتي، خبر موجب ڳوٺ شھمير رند ۾ پراسرار بيماري وگھي 8 ٻارن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ڊائريڪٽر ھيلٿ نصر الله شيخ ۽ ڊي ايچ او جيرام داس جي اڳواڻي ۾ لمس جي ڊاڪٽرن اڪرم باجوا، ڊاڪٽر مبين، ڊاڪٽر وحيد ناھيو، ڊاڪٽر چيتن، ڊاڪٽر زين نوحاڻي ۽ ٻين تي ٻڌل ٽيم متاثر ڳوٺ پهتي جتي ٽيم ٻارن جي رت جون ٽيسٽ ڪيون ۽ چڪاس ڪري کين دوائون ڏنيون، ٽيم ٻڌايو ته معصوم ٻارن جي فوت ٿيڻ جو ڪارڻ کاڌي جي گھٽتائي ۽ رت جي ڪمي ٿي سگھي ٿو، باقي ٻارن ۾ اهڙي ڪا به بيماري ناهي.