نيويارڪ(انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ شخص کي سندس خاندان وارن 8882 قسم جون سرون رکڻ جو گنيز ورلڊ رڪارڊ ڏياري حيران ڪري ڇڏيو، پرڏيهي خابرو اداري موجب رياست اوڪلاهوما سان تعلق رکندڙ 87 سالن جي ڪليم رينڪيمير ڪنهن ڪم سان علائقي کان ٻاهر ويو ته سندس ڌيءَ سيليا ۽ ناٺي ڊين ڪجهه دوستن کي گڏ ڪري سندس “ٽلسا گودام” ۾ رکيل هر شئي کي ڳڻڻ شروع ڪيو، جڏهن ڪليم واپس گهر آيو ته گنيز ورلڊ رڪارڊز طرفان آفيشل سند ڏسي دنگ رهجي ويو، گنيز ورلڊ رڪارڊز سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته جڏهن اهو واپس آيو ته اهو سندس لاءِ هڪ وڏو سرپرائز هو ۽ اهو اها سند حاصل ڪرڻ بعد تمام گهڻو خوش آهي، ڪليم جي سرن جي مجموعي ۾ (جيڪي اهو گذريل 40 سالن کان گڏ ڪري رهيو آهي) 100هين عيسوي جي رومي سر به شامل آهي، پر اڪثر سرون ڪجهه سئو سال پراڻيون ئي آهن.