اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ جي باني عمران خان چيو آهي ته  8 فيبروري تي ملڪ ۾ وڏو ڌاڙو هنيو ويو. قيد تنهائي ۾ آهيان، اڊيالا جيل کي قانون لاڳو ڪندڙ عملدار ڪنٽرول ڪري ٿو.  چيف جسٽس روڪيندي چيو ته هاڻي نيب ترميم وارو ڪيس ٻڌي رهيا آهيون،  . قيد تنهائي ۾ آهيان، اڊيالا جيل ۾ سڀ ڪجهه قانون لاڳو ڪندڙ عملدار ڪنٽرول ڪندو آهي،  انساني حقن متعلق اسان جون ٻه درخواستون اوهان وٽ موجود آهن. هڪ سياسي جماعت کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي، اسان جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جي استدعا به ڪيل آهي. هن چيو ته مون وٽ ڪيس جي تياري جو ڪو مواد آهي ۽ نه ئي لائبريري آهي. خواجه حارث ۽ هڪ ٻن وڪيلن سان ملڻ چاهيان ٿو. چيف جسٽس روڪيندي چيو ته هاڻي نيب ترميم وارو ڪيس ٻڌي رهيا آهيون، جيڪڏهن اوهان قانوني ٽيم جي خدمت وٺندا ته پوءِ اوهان کي نه ٻڌو ويندو.  عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ التوا هيٺ ڪيسن بابت چيو ته هي ملڪ جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته تاريخ جو اعلان شيڊول ڏسي ڪنداسين. هوڏانهن هڪ انٽرويو ۾ باني پي ٽي آءِ چيو آهي ته واحد پڇتاءُ اهو آهي ته پنهنجي اقتدار ۾ جنرل باجوه تي اعتماد ڪيو، هن افراتفري پکيڙڻ لاءِ ڪوڙا بيانيا ٺاهيا ته جيئن ٻيو ڀيرو ملازمت مدي ۾ واڌ ڪرائي سگهي، هن چيو ته مون کي يقين آهي ته مون کي مليل سزا جنرل باجوه جي ترتيب ڏنل آهي ۽ اهو ئي ذميوار آهي، ان ئي رٿابندي ڪئي ۽ عمل ڪيو، هن چيو ته جنرل باجوه اڪيلي ئي آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ منهنجي باري ۾ ڪهاڻيون پکيڙيون ۽ ايئن ڏيکاريو ته آئون آمريڪا مخالف آهيان، مون ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني لاءِ مسلسل جدوجهد ڪئي آهي، منهنجي حڪومت ڪيرائڻ بعد به مون اڪثر ملڪن سان سٺا لاڳاپا برقرار رکيا پر باجوه جي زهريلي بيانيي جي اثر سبب اهي نه رهيا، دنيا کي جمهوريت ۽ پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي جن جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو آهي، هي حڪومت جائز ناهي، مون کي ڪو به پڇتاءُ ناهي آئون هڪ پاڪستاني ۽ مسلمان طور فرض ادا ڪري رهيو آهيان، ماڻهن کي خبر آهي ته آئون ڪوڙ ناهيان ڳالهائيندو ان ڪري مقبول آهيان، هن چيو ته هڪ سياسي پارٽي تي هر ممڪن طريقي سان حملو ڪيو ويو ۽ هر پارٽي اليڪشن کي تاريخ جي بدترين اليڪشن قرار ڏئي رهي آهي.