واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽر مپ چيو آهي ته 8 سالن تائين آمريڪا جوصدر رهندس. ٽيون ڀيرو صدارت لاءِ باضابطه ميٽنگ ناهي ڪئي، وقت اچڻ تي ان جو اعلان ڪندس. آمريڪي ٽي وي چينل اين بي سي کي انٽرويو ڏيندي ٽرمپ چيو ته پنهنجي جانشين جو اعلان اڃا ناهي ڪيو، اها اڃا ڳالهه وقت کان اڳ آهي. هن چيو ته يوڪرين ۽ روس ۾ امن نٿو ٿي سگهي پر ڪوششون جاري آهن. معاهدو ٿي سگهي ٿو . چين تي ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته چين سان واپاري خساري تي پيسو زيان نه ڪنداسين. ملڪ ۾ ڪجهه شين جون قيمتون وڌي سگهن ٿيون، هن چيو ته ايران کي ايٽمي هٿيار تيار ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون. ايران جو ايٽمي پروگرام ڪنهن صورت قبول ناهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪينيڊا جي وزيراعظم ڪارني سان ڪينڊا جي الحاق بابت ڳالهائيندس. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آئون نٿو ڄاڻان ته مون کي آمريڪي آئين جي پاسداري ڪرڻ گهرجي يا نه. ميزبان طرفان ٽرمپ کان پڇيو ويو ته سندس خيال ۾ کيس ملڪ جي سپريم لا جي پاسداري ڪرڻ گهرجي ته ٽرمپ جواب ڏنو مون کي ناهي خبر. خاص طور اهو پڇڻ ته ڇا آمريڪي شهرين ۽ پرڏيهين، ٻنهي خلاف قانوني ڪارروائي منصفاڻي، شفاف ۽ قانون موجب ٿيڻ گهرجي، جنهن ۾ انهن کي پنهنجي دفاع جو مناسب موقعو ملي، جيئن آمريڪي آئين ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ان تي ٽرمپ چيو ته مان وڪيل ناهيان، مون کي ناهي خبر.