نوشهره (م ڊ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته 75 سالن ۾ جيڪو انهن چيو ان جي پيروي ڪئي سين، نوشهره ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي فضل الرحمان چيو ته هاڻي ٿڪجي چڪا آهيون، اڳتي منافقن جي پيروي نٿا ڪري سگھون. هاڻي وڌيڪ انهن عنصرن جي منافقاڻي ڪردار جي پيروي ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين نوجوانن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته نئين رخ کان سوچڻ گھرجي.