ڪينبرا (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ آسٽريليا بگ بيش ليگ لاءِ پرڏيهي رانديگرن جي مڪمل فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي.74  پاڪستاني رانديگرن بگ بيش ليگ ڊرافٽ لاءِ رجسٽريشن ڪرائي آهي.پاڪستان ٽي 20 ڪپتان سلمان علي آغا پڻ بي بي ايل لاءِ رجسٽريشن ڪرائي آهي.ان کان علاوه، حسن علي، ابرار احمد، شاهين آفريدي انهن ۾ شامل آهن جن بي بي ايل ڊرافٽ لاءِ رجسٽريشن ڪرائي آهي.11 پاڪستاني وومين ٽيم جي رانديگرياڻين به وومين بگ بيش لاءِ رجسٽريشن ڪرائي آهي.ڪرڪيٽ آسٽريليا چيو ته بگ بيش ليگ ڊرافٽ لاءِ 600 کان وڌيڪ پرڏيهي رانديگرن رجسٽريشن ڪرائي آهي.