نئين دهلي(انٽريسٽنگ نيوز) هندستان جي وڏي شهر ميسور سان واسطو رکندڙ 73 ورهين جي عورت اخبار ۾ ضرورت رشتا جو اشتهار ڏئي ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب 73 سالن جي عورت رٽائرڊ استاد ۽ طلاق يافته آهي. هن فيصلو ڪيو ته هوءَ وڌيڪ اڪيلي زندگي نه گذاريندي ۽ سڄي حياتي ساٿ ڏيندڙ ساٿي ڳوليندي. عورت برهمڻ مڙس جي ڳولا لاءِ اخبار ۾ ضرورت رشتا جو اشتهار ڏنو جنهن تي جلد ئي کيس 69 سالن جي شخص جواب ڏنو جيڪو تازو ئي انجنيئر جي حيثيت ۾ رٽائرڊ ٿيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب والدين جي وفات کانپوءِ عورت هڪ ڀيرو وري شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.