ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي مشهور ڳائڻي آئمه بيگ انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ ڀيرو هن کي 72 سالن جي پيرسن شخص ڊيٽ تي هلڻ جي دعوت ڏني. يوٽيوب پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي آئمه بيگ چيو ته مونکي 72 سالن جي شخص جي فون ڪال آئي، هن کي لڳو ته مان آمريڪي رياست اوهايو ۾ رهندي آهيان. آئمه ٻڌايو ته سڀ کان دلچسپ ڳالهه جيڪا مونکي ان ڊيٽ جي آڇ ۾ لڳي اُها اِها هئي ته ان شخص مونکي ناشتي ۾ پائن ايپل پين ڪيڪس کائڻ لاءِ هلڻ لاءِ چيو هو، ڄاڻايل شخص مونکي فون تي چيو ته مان هڪ جاءِ ڄاڻان ٿو جتي پائن ايپل پين ڪيڪس تمام سٺا ملندا آهن ته مان اوهان سان گڏ اوڏانهن وڃڻ چاهيان ٿو. ڳائڻي چيو ته مان ڪڏهن پائن ايپل پين ڪيڪس ناهي کاڌو پر مونکي ان ڳالهه جو علم ناهي ته اهو بزرگ مونکي اهو ئي کارائڻ لاءِ ڇو چئي رهيو هو.