اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته جسٽس منير ملڪ ٽوڙڻ جو زهريلو ٻج پوکيو، 71 19وارو سانحو غلط عدالتي فيصلي پيش آيو هو. اسلام آباد ۾ آئين جي گولڊن جوبلي واري تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته آئين ۾ پاڻمرادي نوٽيس واري شق ڪنهن کي فائدو ڏيڻ لاءِ نه پر مظلومن جي تحفظ لاءِ رکي وئي آهي، آئون ڪنهن کي فائدو ڏيڻ لاءِ اها شق استعمال نه ٿو ڪري سگهان، هن چيو ته پاڪستان ٽوڙڻ جو زهريلو ٻج جسٽس منير پوکيو هو، 1971 ۾ ملڪ ٽٽڻ جو وڏو سبب غلط عدالتي فيصلو هو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته  فيصلو غلط آهي ته غلط ئي رهندو پوءِ ڀلي اهو اقليت جو هجي يا کڻي اڪثريت جو ڇو نه هجي. هن چيو  ته ظالم چوي ٿو ته منهنجي مرضي پر آئين چوي ٿو عوام جي مرضي، تاريخ پڪاري رهي آهي ته ماضيءَ جي غلطين مان سبق سکون. سينئر جج وڌيڪ چيو ته  اسان حلف کنيو آهي ته آئين ۽ قانون جو تحفظ ۽ دفاع ڪنداسين، جيڪڏهن اسين ان کان پوئتي هٽياسين ته پوءِ اها پنهنجي عهدي سان ناانصافي ٿيندي. هن چيو ته ڪا به ناانصافي گهڻي دير تائين نه ٿي هلي سگهي.