لوسيسٽر(انٽريسٽنگ نيوز) انگلينڊ ۾ هڪ ماءَ کي سرڪاري هدايتون مليون آهن ته هو پنهنجي 7 سالن جي پٽ جي قبر کي سينگارڻ واري عمل کان پاسو ڪري، اهڙو عمل قاعدن ۽ ضابطن خلاف آهي پر عورت اهڙي حڪم کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽس موجب 29 سالن جي شارنا اينڊيوز جو ننڍو پٽ ينگ هيري لي اينڊريوز فيبروري 2022ع ۾ بيماري سبب وفات ڪري ويو هو. جنهن کانپوءِ شارنا پنهنجي جوان ڌيءَ سان ملي ڪاٺ جي قطبي جي هڪ باڙ کي هٿ سان پينٽ ڪرڻ ۾ ڪيئي ڏينهن لڳايا، جنهن کي هن پٽ جي قبر وٽ لڳايو، ڪجهه وقت کانپوءِ عورت کي گلوسيسٽر سٽي ڪائونسل طرفان هڪ خط مليو جنهن رنگين باڙ ۽ قبر جي سجاوٽ هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ڇاڪاڻ جو ان سان قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي. والده جو چوڻ هو ته هن پنهنجي پٽ لاءِ سٽي ڪائونسل جي ان قانون سان وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي ڇاڪاڻ جو قبر جي سجاوٽ منهنجي پٽ جي خوبصورتي ظاهر ڪري ٿي جنهن تي مون کي خوشي ٿيندي آهي.